آفتاب احمد شيخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آفتاب احمد شيخ ڀارت جي شهر بنارس ۾، 17 ڊسمبر 1934ع ۾ ڄائو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس والد اعجاز الدين شيخ، ديري اسماعيل خان ۾ لڏي آيو ۽ پوءِ حيدرآباد سنڌ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.

حوالا[سنواريو]

تعليم[سنواريو]

آفتاب شيخ ابتدائي تعليم بنارس ۾ ورتي، پر مئٽرڪ جو امتحان غلام حسين هدايت الله اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1958ع ۾ سٽي آرٽس ڪاليج مان بي. اي ڪيائين، 1960ع ۾ سنڌ لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي پاس ڪيائين.

خدمتون[سنواريو]

1963ع ۾ قاضي سميع صديقي مرحوم، محمد اي. ميمڻ ۽ ٻين علمي شخصيتن جي تعاون سان سٽي آرٽس ڪاليج ۾ جناح لا ڪاليج جو بنياد رکيائين ۽ پاڻ اتي استاد ٿي پڙهائڻ لڳو. 1979ع ۾ جناح لا ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. پڙهائڻ سان گڏوگڏ، هيءُ وڪالت به ڪندو رهيو. بعد ۾ سياست ۾ حصو ورتائين.

سياست[سنواريو]

1964ع ۾ ايوب خان جي دؤر ۾ بي. ڊيءَ جو ميمبر ٿيو. 1977ع ۾ ڪجهه مهينا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو. 88-1987ع ۾ ڊسٽرڪٽ بار ائسوسيئيشن جو بنا مقابلي صدر ٿيو. 1987ع ۾ حيدرآباد جو ميئر ۽ 1988ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. ڪجهه وقت سنڌ حڪومت ۾ قانون کاتي جو صلاحڪار به رهي چڪو آهي. هينئر سينيٽر (رٽائرڊ) آهي. سندس سياسي وفاداريون متحده قومي موومينٽ سان آهن ۽ اُن جي اهم اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو.[1]