آغا گل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر گل آغا 1957ع ۾ ڄائو، سندس وڏا اصل شڪارپور جا ۽ ناناڻا حيدرآباد جا هئا. سندس والد پھريون سول سرونٽ هو، جنھن ورهاڱي وقت ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ طور فرائض انجام ڏنا. سندس والده ڊاڪٽرياڻي هئي. هوءَ سنڌ جي انھن چند عورتن مان هئي، جن ان دور ۾ ڊاڪٽري پاس ڪئي، ڇاڪاڻ جو تڏهن ننڍي کنڊ ۾ ڇوڪرين لاءِ واحد ميڊيڪل ڪاليج دهليءَ ۾ هو. ڊاڪٽر آغا الينئاءِ (Ilinois) يونيورسٽي ۾ لسانيات جي پروفيسر ڊاڪٽر جنيفر ڪول سان شادي ڪئي. جنھن مان کيس ٽن ڌيئرن جو اولاد آهي. ڊاڪٽر آغا پرائمريءَ جا ٻہ سال حبيب اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهيو، جنهن بعد ڪجهه سال شڪارپور ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ رهڻ بعد ميٽرڪ حبيب اسڪول مان ۽ انٽر ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج (ڊي جي ڪاليج) مان ڪيائين. هو 1973ع ۾ ڪراچي جي هائر سيڪنڊري تعليمي بورڊ ۾ ٻيو نمبر آيو، بعد ۾ هن ڪيليفورينا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ ۾ داخلا ورتي، ڪيلٽيڪ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد هو مشي گن يونيورسٽيءَ ويو، جتان ڪمپيوٽر سائنس ۽ ڪميونيڪيشن سائنسز ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. ان بعد هو آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهائيندو رهيو. 2009ع تائين هن 175 تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي عالمي سطح جي ناميارن رسالن ۾ ڇپيل آهن. ڊاڪٽر آغا دنيا جي 25 ملڪن ۾ ٿيندڙ سائنس بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. کيس آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ادارن وٽان ڪيترائي اوارڊ مليل آهن. هو هن وقت آمريڪا ۾ آهي. ”ورلڊ پريس“ ويب سائيٽ تي سنڌي سندس بلاگ سائيٽ آهي، جتي هو مختلف سياسي، ادبي، سماجي معاشي معاملن تي باقاعدگي سان لکندو رهندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]