آغا شاھي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آغا شاھي

پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي معاملن جو وزير آغا شاھي، 1920ع ۾ بئنگلور (ڀارت ) ۾ ڄائو، مدراس يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ۽ الھہ آباد يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. 1943ع ۾ انڊين سول سروس ۾ شامل ٿيو. 50-1949ع ڌاري ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر رھيو. 1951ع ۾ پاڪستان جي پرڏيھي معاملن واري آفيس سان وابستہ ٿيو ۽ 1958ع ۾ واشنگٽن ۾ ڪائونسلر مقرر ٿيو، 1961ع ۾ چين جو سفير ۽ 1973ع ۾ پرڏيھي معاملن واري وزارت جو سيڪريٽري ٿيو. 1977ع ۾ اقوام متحده جي نسلي امتياز جي خاتمي واري ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو، کيس 1960ع ۾ تمغه پاڪستان جو اعزاز ۽ 1964 ع ۾ ستاره قائداعظم مليو، جنرل اسيمبليءَ جو مستقل نمائندو به رھيو. پرڏيھي معاملن جو نائب وزير مملڪت ۽ ان کان پوءِ 1980ع کان 1982ع تائين پاڪستان جي پرڏيھي معاملن جو وزير رھيو.[1]