آغا سيد اسماعيل شاهه اصفهاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هنن اصفهاني سيدن جو خاندان طب جي علم ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏي شهرت وارو هو. انهيءَ خاندان مان گھڻائي اديب، طبيب ۽ سياستدان پيدا ٿيا. هن خاندان جو وڏو سيد عبدالهادي، اصفهاني سيدن مان هو، جيڪو 7 شوال 1140ھ/6 -اپريل- 1728ع ۾ اصفهان مان هليو ۽ جڏهن نادر شاهه افشار، مدراس تي چڙهائي ڪئي ته -ان- وقت سيد عبدالهادي مدراس جي راجا وٽ طبيب جي حيثيت ۾ ترسيل هو. انهيءَ راجا جا سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي سان دوستاڻا ناتا هئا، -ان- ڪري -ان- راجا سيد عبدالهادي کي ميان نور محمد جي علاج لاءِ سنڌ ڏانهن موڪليو. جنهن کانپوءِ سيد عبدالهادي ڪلهوڙن جي درٻار سان وابسته ٿي ويو. ميان نور محمد کانپوءِ جڏهن سندس پٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو ته -ان- وقت سيد عبدالهادي ستر ورهين جي ڄمار ۾ بروز -آچر- 2 شعبان 1193ھ/ 15 -آگسٽ- 1779ع تي وفات ڪئي. جنهن کانپوءِ سيد عبدالهادي جي پٽ سيد ابراهيم شاهه پنهنجي پيءُ جي جاءِ والاري، ابراهيم شاهه 1155ھ/1742ع ۾ اصفهان ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپرن جي حڪومت آئي تڏهن ابراهيم شاهه ۽ سندس پٽ -آغا- اسماعيل شاهه ٽالپرن جي درٻار سان منسلڪ ٿي ويو. -آغا- اسماعيل شاهه پنهنجي پيءُ ابراهيم شاهه ۽ ڏاڏي سيد عبدالهادي وانگر ٽالپرن جي درٻار ۾ وڏا عهدا ماڻيا. خاص ڪري حيدرآباد جي ٽالپرن مان مير ڪرم علي خان -ٽالپر- ۽ مير مراد علي خان -ٽالپر- وٽ سندس وڏو مان هو ۽ انهن جي طرفان سفير ٿي مختلف رياستن ڏانهن ويندو هو.
ميسن پنهنجي سفر نامي ۾ -آغا- اسماعيل شاهه بابت لکي ٿو ته: ”هي -اهل- تشيعت جي سيدن مان آهي، جيڪي اصل شيرازي هئا. پاڻ حيدرآباد جي ڀر (ٽنڊي -آغا-) ۾ رهي ٿو. هن جا خيرپور ۽ حيدرآباد جي ٽالپرن سان وڏا واسطا آهن. هي نهايت هوشيار ۽ ڏاڍو چالاڪ آهي.“ ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته: ”-آغا- اسماعيل شاهه پنهنجي نسل ۽ خاندان تي فخر ڪندو رهي ٿو، ٻئي پاسي نواب ولي محمد خان لغاري پنهنجي لياقت جي آڌار تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو.“ -آغا- اسماعيل شاهه -ٽالپر- حاڪمن جو وفادار وزير پنهنجي خداداد لياقت سان وڏيون منزلون ماڻيندو رهيو. سندس پٽن مان -آغا- زين العابدين شاهه (شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جو حاڪم)، ڪاظم علي شاهه (شڪارپور جو حاڪم)، تقي شاهه (شڪارپور جو ناظم) ۽ ابراهيم شاهه (شڪارپور جو حاڪم) پڻ وڏن عهدن تي فائز هئا، -آغا- اسماعيل شاهه، ٽالپرن جي دؤر ۾ حيدرآباد جي ڀر ۾ ”-ٽنڊو آغا- اسماعيل“ نالي هڪ علائقو -آباد- ڪري پنهنجي خاندان لاءِ اتي وڏيون وڏيون حويليون تيار ڪرايون. موجوده دؤر ۾ اهو علائقو حيدرآباد شهر ۾ ”-ٽنڊو آغا-“ جي نالي سان مشهور آهي. ٽالپرن جو مصاحب ميرزا فتح علي بيگ پڻ -آغا- اسماعيل شاهه جي زور تي اچي -ٽنڊو آغا- وسايو. -آغا- اسماعيل شاهه ٽنڊي -آغا- جو علائقو 1249ھ/ 1833ع ۾ -آباد- ڪيو. -ٽنڊو آغا- ٽالپرن جي دؤر کان وٺي عزاداري جو مرڪز رهيو آهي. -آغا- اسماعيل شاهه جي اولاد مان -آغا- زين العابدين شاهه تخلص عابد ۽ -آغا- ڪاظم علي شاهه بلند پايي جا شاعر هئا. اڳيان هلي سندس اولاد مان -آغا- سيد فتح علي شاهه عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو. سنڌي ۽ فارسي زبان جو بهترين شاعر پڻ هو ۽ سندس تخلص فتح هو. -آغا- سيد فتح علي شاهه ٽنڊي -آغا- جي ميرزا خاندان مان ميرزا قربان علي بيگ قربان ڪربلائي جو شاگرد هو ۽ وري -آغا- سيد فتح علي شاهه جو شاگرد، سنڌ جو نامور محقق، اديب ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ هو. ميرزا عباس علي بيگ پنهنجي -استاد- -آغا- فتح علي شاهه جو فارسي ۽ سنڌي ڪلام هڪ هنڌ جمع ڪيو هو. هن وقت -آغا- اسماعيل شاهه جو اولاد ٽنڊي -آغا- ۾ موجود آهي. -جن- مان -آغا- سيد عبد علي شاهه بهترين شاعر ۽ خطيب آهي. عمر رسيده هجڻ باوجود -آغا- سيد عبد علي شاهه شاعري ۽ خطابت جي سلسلي کي -جاري- رکندو اچي.[1]