آغا حامد علي احمد زئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آغا حامد علي احمد زئي ولد آغا محمد ابراهيم. سندس پيدائش 11 آڪٽوبر 1936ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿي. سنڌي پرائمري استاد ٿيو، پر پوءِ ماستري ڇڏي حڪمت جا امتحان ڏنائين. انوکي قسم جو شاعر هو. ”انور“ تخلص رکندو هو. دريائي مشاعرو، آفتابي مشاعرو، ماهتابي مشاعرو ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا مشاعرا سندس ذوق جي خبر ڏين ٿا. سندس ڪلام جا هيٺيان مسودا اڻ ڇپيل آهن. (1) ’ثمرات بحر‘، (2) ’ثمرات سماء‘، (3) ’لون انور‘، (4) ’ڪليات انور‘، (5) ’حيوانات انور‘، (6) ’طائران انور‘، (7) ’معدنيات انور‘، (8) ’امر انور‘، (9) ’نباتات انور‘، (10) ’خدائي انور‘، (11) ’حشرات انور‘، ۽ (12) ’چار جماعتون‘.[1]

حوالا[سنواريو]