آسڻ (واپار)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آسڻ دڪاندار جنھن جاءِ تي ويھي وکر جو وھنوار ڪري، ان جاءِ کي به ’آسڻ‘ چوندا آھن. واپاري آسڻ تي ويھڻ کان اڳ ناريل، گلاب يا عطر جي ڇٽڪار ڪندا آھن، پر ڪي واپاري پاڻيءَ جي ڇٽڪار ڪري ڪاروبار جي شروعات ڪندا آھن. مسلمان واپاري آسڻ تي ويھڻ کان اڳ اگربتيون ٻارين، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪن ۽ برڪت جون دعائون پڙھن ۽ آسڻ تي ويھڻ وقت ٻھراڙين ۾ لاکي جي صدا ’دعا‘ طور پڻ ھنئي ويندي آھي.[1]

حوالا[سنواريو]