آسيان
ڏيک
آسيان(ASEAN)، مڪمل نالو ڏکڻ اوڀر ايشيائي قومن جي ايسوسيئيشن، ڏکڻ اوڀر ايشيا جي سڀني 11 رياستن جو هڪ علائقائي گروپ آهي. جنهن جو مقصد پنهنجي ميمبرن ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. ان جا ميمبر ملڪ گڏجي 60 ڪروڙ (600 ملين) کان وڌيڪ ماڻهن جي آبادي جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ 45 لک چورس ڪلوميٽر (17 لک چورس ميل) کان وڌيڪ زميني ايراضي تي پکڙيل آهن. بلاڪ 2022ع ۾ لڳ ڀڳ 10.2 ٽريلين آمريڪي ڊالر جي خريداري طاقت جي برابري مجموعي گھربل پيداوار (GDP) پيدا ڪيو، جيڪا عالمي جي ڊي پي (پي پي پي) جو لڳ ڀڳ %6.5 آهي. آسيان ميمبر رياستن ۾ دنيا جي ڪجهه تيز ترين وڌندڙ معيشتون شامل آهن ۽ ادارو اوڀر ايشيا جي علائقي ۾ هڪ لازمي ڪردار ادا ڪري ٿو.