مواد ڏانھن هلو

آسوندرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آسُوندرو:(انگريزي: Asoondro) هيءَ ول ڄارين ۽ ڪنڊن جي ٿڙ وٽ اُڀري، انهن وڻن تي چڙهندي آهي. هنجو ٿڙ ٿلهيرو ٿيندو آهي. ٻيون وليون سياري اونهاري سڙيو وڃن، پر هن جو ٿڙ ۽ ٽاريون هميشه سايون هونديون آهن، جي برسات پوڻ بعد پن ڪڍي وڻڻ کي ڀري ڇڏين، اُن جو ٿڙ ورنوڪڙن سان بلا وانگر ٿيندو آهي، جو وڻن کي ويڙهيو پيو هوندو آهي. اُن جا پن وڏيرا سائي رنگ جا ٿيندا آهن. منجهس ڪو ڪمائتو ڦل ڪو نه ٿئي.هيءَ ول فقط اُٺ ۽ ٻڪريون کائينديون آهن[1].


حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو