آسن داس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل آسن داس ولد چئن راءِ 1890ع ڌاري دادوءَ شهر جي ڇاڻي محلي (شاهه آباد) ۾ جنم ورتو. سندس والدين زميندار هئا. هن وڪالت جي تعليم حاصل ڪئي. غريب ماڻهن جا مفت ۾ ڪيس وڙهندو هو ۽ سندن مالي مدد به ڪندو هو. هن رضاڪارانه طور دادوءَ جي سول اسپتال، ڊي. ايس. پي آفيس، ايس. پي آفيس ۽ ڊي. سي. او آفيس لاءِ ذاتي زمين ڏني. هن 1942ع واري ٻوڏ ۾دادو شهر کي بچائڻ لاءِ ڇاڻي محلي جي اتر اولهه ۾ ذاتي خرچ تي بند ٻڌرايو، جيڪو اڄ به ”آسن بند“ جي نالي سان سڏجي ٿو. ضلعي جيل جي سامهون سندس آفيس هئي. جيڪا هن پنهنجي شاگرد وڪيل امام بخش گهراڻيءَ کي رضاڪاراڻه طور ڏئي ڇڏي، کيس ڪتابن پڙهڻ جو وڏو شوق هوندو هو، وٽس چڱي لائبريري هئي، جيڪا هن پنهنجن شاگردن کي ڏئي ڇڏي. هو 1975ع ڌاري لڏي هندستان ويو، جتي ديهانت ڪيائين.[1]