آزاد قاضي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عبدالاحد ولد محمد حسن جوڻيجو، جنهن کي ادبي دنيا ۾ آزاد قاضيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، 15 نومبر 1956ع تي قاضي دڙا، تعلقي ڏوڪريءَ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ وٺڻ بعد مئٽرڪ 1971ع ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان پاس ڪيائين. لائبرري سائنس ۾ ماسٽرس 1983ع ۾ ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) 1995ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پنجن سالن لاءِ پروجيڪٽ ريسرچ طور به ڪم ڪيو اٿس، جنهن دوران چيئر جا 6 ڪتاب ڇپرائڻ ۾ سندس هٿ رهيو. ماهوار ”جياپو“ ڪراچيءَ جي ايڊيٽر طور 6 پرچا ۽ مومل پبليڪيشن جي ايڊيٽر طور 4 پرچا ڇپائي چڪو آهي.
آزاد قاضيءَ 1973ع کان شاعري شروع ڪئي، ابتدا ٻاراڻي شاعريءَ کان ڪيائين. نثر جي ابتدا ڪهاڻيون لکڻ سان 1975ع ۾ ڪيائين. هن ڀنڀور اشاعت گهر حيدرآباد، رني ڪوٽ پبليڪيشن حيدرآباد، فڪرِ نؤ پبلشنگ هائوس ڪراچي، جي.ايم. سيد لٽرري سوسائٽي ڪراچيءَ طرفان 50 کن ڪتاب ڇپايا آهن. سندس طبع زاد، ترجمي ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن مان ڪجهه اهم ڪتاب هي آهن: ”سوڀ سدائين سچ جي“ (تنقيد)، ”سنڌ جون انقلابي عورتون“، ”انقلابي ماءُ“ (ترجمو)، ”قول فيصل“ (ترجمو)، ”لبرل ازم ۽ انقلاب دشمني“ (سياسي تنقيد)، ”لامون تنهن وڻ سنديون“ (ترتيب)، ”سنڌ جو آواز“ (ترتيب)، ”جي.ايم.سيد جي جدوجهد ۽ نيشنلزم“ (ترتيب)، ”جي.ايم. سيد، ڊاڪٽر درشهوار سيد جي نظر ۾“ (ترتيب) وغيره. هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد آهي.[1]