آزاد صوفي (صحافي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اصل نالو گل محمد، ذات ميمڻ. بڪيرا شريف ۾ ڄائو. ”آزاد صوفيءَ“ جي نالي سان مشهور هو. استاد ۽ صحافي ٿي رهيو. سندس ڪجهه ڪتابڙا به ڇپيل آهن: جن ۾ ”جاگرافي عمرڪوٽ ۽ ڇاڇرو“ ۽ ”حضرت عبدالقادر جيلاني“ وغيره شامل آهن. بڪيرا شريف مان ”صوفي گزيٽ“ نالي اخبار جاري ڪيائين، سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي ٻولين جو ڄاڻو هو. مفت شفاخانو هلائيندو هو. گيڙو پٽڪو، گيڙو پهراڻ ۽ گيڙو الفي سندس مخصوص لباس هو، جيڪو ملازمت دوران به پهريندو هو. نهايت ئي سنجيدو شخص هو. 1971ع ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]