آزاد انور ڪانڌڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آزاد انور ڪانڌڙو

آزاد انور ڪانڌڙو(انگريزي:Azad Anwar Kandhro) سنڌي ٻولي جو ليکڪ ۽ صحافي آھي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

هن جو پورو نالو علي انور ولد محمد هاشم ڪانڌڙو آهي. آزاد 6 مارچ 1980ع تي ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙو، تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.[1]

تعليم[سنواريو]

هن پرائيمري کان ڪاليج سطح تائين تعليم ميهڙ شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ ايم.اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي اٿس.[1]

ادب ۽ صحافت[سنواريو]

هو سنڌ جو سڄاڻ صحافي ۽ ليکڪ آهي، سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. انور هن وقت به ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش ميهڙ جو صحافي آھي.[1] انور سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي پڻ رهيو آهي.[2][3]

ڪتاب[سنواريو]

هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”ڌرتيءَ جو شهيد“ (شخصيت 2005)، ”اعجاز جتوئي: محب وطن سياستدان“ (2006ع)، ”سمي صحرا، سمي دريا“(استاد بخاريءَ جي نثري تحريرن جي ترتيب: 2007ع)،”سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون“ (الهداد ٻوهيي جي مضمونن جي ترتيب: 2008ع) شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهن، جن مان ”مولانا گراميءَ جون تحريرون“ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپائيءَ هيٺ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "آزاد انور ڪانڌڙو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-19. 
  2. "New Page 1". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2019-12-19. 
  3. "Sindhi Adabi Sangat". sindhsangat.atspace.com. حاصل ڪيل 2019-12-19.