آريائي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آريائي ٻوليون (Aryan Languages) لسانيات جي ماهرن، ٻولين کي مختلف گروهن ۾ ورهايو آهي. انهن مان هڪ گروھ جو خيال آهي تہ آريائي ٻوليون اصل ۾ آريائي قومن جون ٻوليون يا انهن مان نڪتل ٻوليون آهن، جن ۾ ڪيتريون يورپ جون ٻوليون پڻ شامل آهن. سنسڪرت کي آريائي ٻولي مڃيو ويو آهي. ھندي، بنگالي، اڙيا، راجستاني ٻولي، مرھٽي وغيره پڻ آريائي ٻولين جي دفعي ۾ شامل ڪيون وڃن ٿيون پر ڪي عالم ان ڳالھ سان اتفاق نٿا ڪن. 20 صديءَ جي شروعات ۾ سنڌي ٻولي]ءَ لاءِ بہ ڪن محققن ساڳيو نظريو پيش ڪيو هو، پر ان کي سنڌ جي ڪن عالمن قبول ڪونہ ڪيو.[1]

آريائي ٻولي جو اصطلاح 19 صدي ۽ 20 صدي عيسويء ۾ شايع ٿيل ڪمن ۾ ٿئي ٿو، مطلب ته تمام پراڻي هند-يورپي ٻوليون:

  • ويدڪ سنسڪرت ٻولي
  • پراڻي فارسي ٻولي
  • آويستان ٻولي
  • باڪٽرين ٻولي
  • اصطلاح پروٽو-آرين پروٽو-انڊو-ايراني ٻوليءَ جو متبادل نالو آهي
  • 19 صدي جي آخر ۾ ۽ 20 صدي جي شروعات ۾ شايع ٿيل ڪمن ۾، هي اصطلاح، يا اصطلاح پروٽو-آرين، ڪڏهن ڪڏهن پروٽو-انڊو-يورپي ٻولي کي بيان ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويندو هو.


حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.