مواد ڏانھن هلو

آذربائيجان قومي غاليچو ميوزيم

بيھڪ: 40°21′35″N 49°50′07″E / 40.35972°N 49.83528°E / 40.35972; 49.83528
هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آذربائيجان جو قومي قالين ميوزيم
قائم ٿيو 1967
لوڪيشن ميڪائيل هوسينيو گهٽي، 28، باڪو، آذربائيجان
بيهڪ: 40°21′35″N 49°50′07″E / 40.35972°N 49.83528°E / 40.35972; 49.83528
نوعيت عجائب گهر
ڊائريڪٽر شيرين مالڪووا
عوامي روانگي لنگهه M 1 ايچيري شيهر ميٽرو اسٽيشن
ويب سائٽ www.azcarpetmuseum.az

آذربائيجان قومي قالين ميوزيم (آذربائيجاني: Azərbaycan Milli Xalça Muzeyi)، جيڪو اڳ۾ آذربائيجان قالين ميوزيم (آذربائيجاني: Azərbaycan Xalça Muzeyi) سڏيو ويندو هيو، آذربائيجان جي گلم (غاليچن) ۽ اُڻڻ ڪاريگري جي مختلف کَٿو (ڪمبل، لوئي) شين ۽ مختلف زمانن کان سامان جي شين جو ڏيکاءُ ڏئي ٿو.[1] اهو دنيا ۾ آذربائيجان جي قالينن جو سڀ کان وڏو ذخيرو آهي.[2] اهو پنهنجي اڳوڻي هنڌ، نيفچلر ايونيو کان باڪو سي فرنٽ پارڪ تي نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو.[3]

آذربائيجان نيشنل ڪارپيٽ ميوزيم 13 مارچ، 1967ع ۾ ملڪ جي ايس ايس آر وزيرن جي ڪائونسل جي فرمان نمبر 130 جي مطابق قائم ڪيو ويو. سال 1967ع کان 1993ع تائين، هن ميوزيم کي "آذربائيجان اسٽيٽ ميوزيم آف ڪارپيٽ ۽ فوڪ ايپلائيڊ آرٽس" جي نالي سان سڏيو ويندو هيو، سال 1993ع ۾ ميوزيم کي لطيف ڪريموف جي نالي پٺيان منسوب ڪيو ويو، 2014ع ۾ "آذربائيجان ڪارپيٽ ميوزيم" ۽ سال 2019ع ۾ موجوده نالو، "آذربائيجان نيشنل ڪارپيٽ ميوزيم" رکيو ويو.[4]

اتهاس

[سنواريو]
عجائب گھر جو اڳوڻي عمارت، هاڻي جمعو مسجد

هي ميوزيم 1967 ۾ قائم ڪيو ويو هيو ۽ شروعاتي طور جمعو مسجد اڇيري شيهر ۾ واقع هيو.15هين صدي عيسوي ۾ ان مسجد جي اڏاوت ڪئي وئي ۽ 19هين صدي عيسوي ۾ ان ۾ سڌارو آڻيو ويو. ان جي پهرئين نمائش 1972 ۾ ڪئي وئي. 1992 ۾،  يو ايس ايس آر جي انت کانپوءِ، ميوزيم کي ٻئي منزل تي منتقل ڪيو ويو هو جيڪو هاڻي باڪو ميوزيم سينٽر آهي،[5] اها هڪ اهڙي عمارت  آهي جيڪا اصل ۾ لينن ميوزيم هئي.[6] ان مجموعو جو نالو قالين جي ڊزائنر لطيف ڪيموف جي مانَ ۾ رکيو ويو.

ان مجموعو کي هڪ نئين مقصد سان اڏيل جڳھ ڏانھن منتقل ڪرڻ واري منصوبو 2010 کان شروع ٿيو، جڏهن يونيسڪو وسيلي آذربائيجان جي غاليچن کي "ناقابل يقين ورثو جو هڪ شاهڪار" قرار ڏنو ويو هيو.[7] اها نئين عمارت 2012 جي آخر ۾ کُلڻي هئي [7] ۽ سيپٽمبر 2013 ۾ صدر الهام عليوف ان جو دورو ڪيو هيو.[8] عجائب گھر (ميوزيم) 26 آگسٽ 2014 تي کوليو ويو. اپريل 2014 ۾ ان ميوزيم جو نالو مٽائي آذربائيجان قالين ميوزيم نالو رکيو ويو، جيڪو گهڻو عرصو سرڪاري رسمي عنوان ڇڏيو هو. [9]

عمارت

[سنواريو]

عمارت جي جوڙجڪ جو مقصد ويڙهيل گلم (غاليچو) وانگر ڏيک ۾ اچي ٿو.آسٽريا جي آرڪٽيڪٽ فرانز جنز طرفان ٺاهيل ان عمارت جي اڏاوت ۾ ڇھ سال لڳا. اڳوڻي گهڙت، جيڪا تاريخي اهميت واري هڪ عمارت آهي، تنهن کي نئين عمارت ٺاهڻ جي لاءِ ڊانهيو ويو.[10]

مجموعو

[سنواريو]

ميوزيم جي ذخيري ۾ 10،000 کان وڌيڪ ٺڪر ۽ چينيءَ جا ٿانو (سيرامڪس) جون شيون، چوڏهين صدي جي ڌاتو جو ڪم، ڪنجھي وارو زمانو (Bronze Age) جا زيور، 17 هين کان 20 هين صدي جا قالين ۽ قالين جو سامان، قومي لباس ۽ ڀرت (زريءَ جو ڪم)، ۽ جديد دور جو آرٽ ورڪس شامل آهن.[11] ميوزيم غاليچن ۽  اپلائيڊ آرٽس جي باري ۾ عوامي ليڪچرز ۽ اڀياس ڪورسز جو بندوبست ڪندو آهي. ان ۾ آذربائيجاني دستڪاري ۽ غاليچي جو ڪم تي ڪتاب وڪرو ڪرڻ وارو هڪ دڪان (اسٽور) آهي.[2] ميوزيم ۾ شوشا شهر سان لاڳاپيل شوشا ميوزيم آف هسٽري جو مستقل ذخيرو پڻ موجود آهي، جنهن کي 1992 ۾ آرمينيائي فوج قبضو ڪرڻ کانپوءِ ڦُريو هيو. شوشا ميوزيم جي نمائش ڪيل شين مان ڪجهہ ان وقت بچائيون ويون جڏهن ميوزيم جي ڊائريڪٽر قبضو ٿيڻ کان اڳ 600 غاليچا ٻاهر منتقل ڪيا. هاڻي اهي ميوزيم ۾ "سڙيل ثقافت" جي عنوان سان هڪ نمائش ۾ ڏيکاريل آهن.[6]

بين الاقوامي نمائشون

[سنواريو]

عجائب گهر (ميوزيم) تحقيق ۽ عوامي خدمت جو ڪم ڪندو آهي. هر سال، ميوزيم وسيلي رياستي ۽ بين الاقوامي نمائشون منظم ڪيون وينديون آهن ۽ عجائب گھر طرفان قالين تي ڪيٽالاگ ڇاپيا ويندا آهن. ميوزيم فرانس، جرمني، انگلستان، جاپان، هالينڊ، سميت 30 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پردشن (نمائشون) منعقد ڪيون آهن. 1998 ۾، ميوزيم پيرس ۾ يونيسڪو جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيل نمائش ۾ حصو ورتو، جيڪا فزیولي ۽ 1999 ۾ ڪتاب ڊيڊ ڪورڪوت (Book of Dede Korkut) جي 1300 هين ورسي جي نالي سان وقف ٿيل هئي، ان موقعي تي شين جو ڏيکاءٌ ڪيو ويو، جن ۾ گلم (گاليچو)، لوڪ لاڳاپيل آرٽ آئٽمز، ٽامو جا جڳ، لوٽا (مگ)، بالٽي ۽ پاکڙو-ٿيلها شامل هيا.

داخلا ۽ ٽڪيٽ

[سنواريو]

ڪم جو وقت

[سنواريو]

هفتي جا ڏينهن: اڱارو کان جمعو تائين صبوح 10 بجي کان 6 بجي تائين. هفتو جي پڇاڙي جا ڏينهن: ڇنڇر کان آچر تائين، صبح 10 بجي کان 8 بجي تائين. سومر ڏينهن بند آهي

داخلا فيس

[سنواريو]

بالغن لاءِ ٽڪيٽ 7 اي زيڊ اين آهي، شاگردن لاءِ 3 اي زيڊ اين آهي. 6 سال کان گهٽ ڄمار جي ٻارن لاءِ ٽڪيٽ مفت آهي

باڪو، ميڪائيل هوسينيو ايوينيو، 28 (+994) 12-497-20-57

چترشالا

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Azerbaijan National Carpet Museum". azcarpetmuseum.az. حاصل ڪيل 2019-11-23. 
  2. 2.0 2.1 "AZERBAIJAN CARPET MUSEUM". وقت July 1, 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل November 23, 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Azerbaijan National Carpet Museum". azcarpetmuseum.az. حاصل ڪيل 2019-11-23. 
  4. آذربائيجان نيشنل ڪارپيٽ ميوزيم آرڪائيو ڪيا ويا 2019-07-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  5. Museum Center, وقت 2021-03-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-11-23 
  6. 6.0 6.1 "Baku's National Carpet Museum". وقت 2010-07-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل November 23, 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. 7.0 7.1 New museum planned for late 2012
  8. "President Aliyev inspects carpet museum’s new building (UPDATE)". AzerNews.az. حاصل ڪيل 2019-11-23. 
  9. Museum renamed
  10. Doyle, Rachel B. "Azerbaijan Now Has a Carpet Museum That Looks Like a Carpet". Curbed. حاصل ڪيل 2019-11-23. 
  11. "8.2 Carpets Made to Last: A Walk Through Baku's National Carpet Museum". azer.com. حاصل ڪيل 2019-11-23.