آدم خوري
آدم خوري (انگريزي: Human cannibalism) مان مراد پنھنجي ئي جنس جو گوشت (خاص ڪري انسان جو گوشت) کائڻ آھي. جيڪڏهن دنيا جي تاريخ تي نظر ڦيرائجي تہ هر زماني ۾ آدم خوري قومن جو وجود نظر اچي ٿو. آدم خور انسان قبيلن جي صورت ۾ دنيا جي لڳ ڀڳ هر کنڊ ۾ مليا آهن.[1]
جاگرافيائي پکيڙ
[سنواريو]خاص ڪري اولھ ۽ وچ آفريڪا، نيو گني ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪجهہ حصن ۾ تاريخي طور تي آدم خور قبيلا آباد رهيا آهن. ان کان سواءِ انڊونيشيا ۽ آسٽريليا جي ڪجهہ ٻيٽن ۾ پڻ اهڙا گروھ موجود آهن، جن کي "ٽانڪي" چيو وڃي ٿو.[1]
آدم خوريءَ جا ڪارڻ
[سنواريو]انساني معاشري ۾ آدم خوريءَ جي رواج بابت عمرانيات ۽ علم الانسان (Anthropology) جي ماهرن جا مختلف رايا آهن:
- مذهبي رسمون: بربريت واري دور ۾ ڪجهہ مذهبي رسمن ۽ رواجن جي ادائگيءَ جي موقعن تي انساني گوشت کاڌو ويندو هو.
- کاڌي جي کوٽ ۽ ڏڪار: حيواني گوشت جي ڪمي ۽ سخت ڏڪار جھڙين حالتن ۾ بہ انسان مجبور ٿي آدم خور بڻجي ويو.
تاريخي واقعو
[سنواريو]1846ع ۾ آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا مان لنگهندڙ ”ڊونر پارٽيءَ“ (Donner Party) کي آڪٽوبر جي مھيني ۾ هڪ خطرناڪ برفاني طوفان گهيرو ڪري ورتو. ان حادثي ۾ جيڪي ماڻهو بچي ويا، سي سخت بک سبب هڪ ٻئي جو گوشت کائڻ لڳا. ڊونر پارٽي جا اڌ کان وڌيڪ مسافر نيم وحشي حالت ۾ ڪيليفورنيا پھتا هئا.[1]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 "آدم خور : (Sindhianaسنڌيانا)". encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2026-03-12.