آدم خان مري جو مقبرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽنڊي آدم جي باني آدم خان مريءَ جو مقبرو 1211ھ ۾ ٺهيو ۽ کپري کان اٽڪل پنج ميل ڏکڻ طرف ڳوٺ کاڻي راڄڙ ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي. قبي جي اندران توڙي ٻاھران بهترين چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آھي. چوڌاري ڪلر سبب پاڙون کاڄي ويون آھن. اندران ڪلمھ طيبه ۽ قرآني آيتون سھڻي نموني لکيل آھن. چٽسالي ڪندڙ حاجي محمود نقاش هو، جيڪو ھالاڪنڊي جو ويٺل ھو. قبي جي اندر اولاھين پاسي ڪم جي نگراني ڪندڙ حافظ عبدالشڪور جو نالو لکيل آھي. دروازي تي ڪاشيءَ جي سرن جو ڪتبو لڳل آھي، جنهن تي سن 1211ھ لکيل آھي. قبي جي اندر ٻه قبرون آھن. قبي جي مٿان ۽ ڀتين تي چن جو پلستر ٿيل ھو، جيڪو هن وقت سڄو لھي چڪو آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد