آخوند محمد شفيع جو دستخط نسخو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاھ عبداللطيف جي رسالي جو ھڪ قلمي نسخو سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ ھيءُ رسالو تاريخ 27 ماھ صفر 1273ھ مطابق 27 آڪٽوبر 1856ع ۾ آخوند محمد شفيع لکي پورو ڪيو. شروعات ھن طرح ڪئي اٿس: ”اين رساله تصنيف حضرت شاھ صاحب ولايت و ڪرامت شاھ صاحب سيد شاھ عبداللطيف“.
ھن نسخي جي موجوده متن ۾ جملي 35 سر، 1841 بيت ۽ 115 وايون آھن. اڪثر سرن مان وچان پنا کٽل آھن ۽ ’سرود آبري‘ سڄو ضايع ٿيل آھي. جيڪڏھن نسخو سالم ھجي ھا ته بيتن ۽ واين جو تعداد وڌيڪ بيھي ھا. ھن نسخي ۾ جيتوڻيڪ سرن جي ترتيب ساڳي سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ رسالن واري آھي، پر انھن وانگر ھن رسالي جا سر داستانن يا فصلن ۾ ورھايل ناھن، البت ھر ھڪ سر ۾ ڪنھن حد تائين ساڳئي مضمون وارا بيت لکي، ھڪ وائي ڏئي، ان بعد ٻئي مضمون وارا بيت آندل آھن.[1].