آخوند فقير محمد عاجز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آخوند حاجي فقير محمد ولد آخوند محمد موسيٰ قريشي، 9 مارچ 1846ء 4 شوال 1263ھ تي حيدرآباد جي شيراڻي محلي ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل مسقط (گڏيل عرب امارات) جا هئا، جيڪي عربن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ لڏي آيا ۽ پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيا.

آخوند فقير محمد، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مير حسن علي خان ٽالپر جي معرفت تپيدار ٿيو، پر سرڪاري نوڪريءَ ۾ دل نه لڳڻ سبب جلد ئي استعيفا ڏئي مطالعي ۾ عالمن ۽ اديبن سان وقت گذارڻ لڳو. سندس سموري زندگي درس ۽ تدريس ۾ گذري. پاڻ بهترين شاعر ۽ مضمون نگار هو. مير عبدالحسين خان ”سانگيءَ“، سيد غلام محمد شاهه، ”گدا“، مرزا قليچ بيگ، حافظ حيات شاهه، محمد بخش ”واصف“ ۽ ٻين سان ڪچهريون ڪيائين، جن جو پنهنجن غزلن ۾ به ذڪر ڪيو اٿس. شاعريءَ ۾ هڪ ديوان ۽ هڪ مثنوي سندس يادگار آهن. ان کان سواءِ پاڻ، حافظ شيرازيءَ جي ڪجهه غزلن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو اٿس. نثر ۾ سندس ڪتاب ”داستان گلشن بهار“ هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو. آخوند صاحب 16 جنوري 1918ء بمطابق 28 ربيع الاول 1336ھ تي وفات ڪئي.[1]