آخوند شيخ ميان فيض

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور عالم ۽ شاعر آخوند فيض محمد ولد آخوند فتح محمد فيبروري 1829ء ڌاري روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد وڏو عالم هو. آخوند فيض محمد پنهنجي ڪتاب ”ناله زار“ ۾ پنهنجي خاندان متعلق لکيو آهي ته پنهنجي والدين کان پڇيو اٿم ته اسان جو وڏو ڏاڏو يا سڀ کان پهريون بزرگ شيخ دين محمد نالي هڪ نئون مسلمان هو. هو اصل ۾ روهڙي شهر جو هندو هو. هن بزرگ پنهنجي والده سان گڏ اسلام قبول ڪيو شيخ دين محمد جي يارهين پشت مان آخوند فيض محمد جو ڏاڏو شيخ محمد اڪرم وڏو عالم هو، جنهن جو روهڙيءَ جي مشهور ”خالدي قاضين واري مسجد“ ۾ مدرسو قائم ٿيل هو. آخوند ميان فيض محمد چوڏهن سالن جي عمر ۾ موچڪو ڪم سکيو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”ناله زار“ ۾ پڻ ڪيو آهي. اهو دؤر سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن ۽ انگريزن درميان سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو. هن موچڪي ڪم سکڻ کان پوءِ روهڙيءَ جي هڪ مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. عربي، فارسي ۽ ديني علمن سان گڏو گڏ رياضي، نجوم، ابجد، صرف و نحو، تاريخ ۽ جاگرافي وغيره ۾ مهارت حاصل ڪيائين. انهن علمن سان گڏ کيس سنڌي ۽ فارسي، نظم خواه نثر ۾ وڏو عبور حاصل هو، خوش نويسيءَ ۾ ماهر هو. خط نسخ ۽ نستعليق ۾ دسترس حاصل هئس ۽ انگريزي به چـڱي ڄاڻندو هو. تعليم جي حصول کان پوءِ درس وَ تدريس ڏيڻ شروع ڪيائين.
6 جولاءِ 1851ء کان هڪ سال تائين روهڙيءَ جي ڀرسان زميندار جانب ڌاريجي جي پٽ، الهڏني ڌاريجي کي مروج سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏيڻ لاءِ وٽس ملازم ٿي رهيو. سال بعد اتان ڇڏي روهڙيءَ جي ڪوٽ مير يعقوب عليءَ ۾ استاد ٿي رهيو. ان-بعد جڏهن انگريزن سنڌ ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا ۽ ٽپال کاتي جو سرشتو شروع ٿيو ته پاڻ خانگي نوڪري ڇڏي روهڙيءَ جي پوسٽ آفيس ۾”چالان نويس“ مقرر ٿيو،ڪجهه عرصي بعد اها نوڪري ڇڏي روهڙيءَ بندر تي ”ناڪي منشي“ مقرر ٿيو. ان دوران انگريز عملدارن سر بارٽل فريئر، ميجر گولڊ اسمٿ ۽ آرڪوپر وغيره سان سندس دوستانه تعلقات قائم ٿيا. سر بارٽل فريئر سندس علمي قابليت ڏسي 1885ع ۾ ناڪي منشي تان بدلي ڪري کيس روهڙي شهر جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪرايو. جتي باقي زندگي علم ڏئي رٽائر ٿيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ روهڙي شهر ۾ مڪتب کوليائين ۽ ڪجهه عرصو سول ڪورٽ جي ڀرسان عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪيائين، جنهن جو مئجسٽريٽ کان سرٽيفڪيٽ مليل هئس. پاڻ نقشبندي طريقي جي سلسلي سان منسلڪ هو ۽ درگاهه شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي سجاده نشين پير ميان مدد علي شاهه جي هٿ تي بيعت ڪري مريد ٿيو هو. کيس نرينو اولاد ڪو نه هو ۽ هن زال کي به طلاق ڏئي ڇڏي، ان ڪري زندگيءَ جا پويان ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ گذاريائين. سندس تصنيفن مان ناله زار (قلمي)جيڪو فارسيءَ ۾ آهي ۽ ’ڪريما سعدي‘ (قلمي) جيڪو سعديرح جي ”ڪريما“ جو منظوم ترجمو آهي. ان کانسواءِ سندس قلمي صورت ۾ ڪيترائي سنڌي اردو ۽ فارسيءَ ۾ شعر ملن ٿا، هن ڪيترن عالمن جي وفات تي قطعه تاريخون چيون. 1903ع ڌاري وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]