آخري انقلاب (1979ع)
|
آخري انقلاب |
|
|---|---|
| ليکڪ | سدارنگاني |
| ملڪ | هندستان |
| ٻولي | سنڌي ٻولي |
| موضوع | ثقافتي اجنبیت، خانداني قدر، سماجي تبديلي |
| صنف | ناول |
| اشاعت | 1979ع |
آخري انقلاب (1979ع) سنڌي ناول نگار گلي سدرانگاڻي جو هڪ اهم ناول آهي، جيڪو ٻن عورتن، مالا ۽ مايا، جي متضاد زندگين کي موضوع بڻائي ٿو. هي ناول ورهاڱي کان پوءِ جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن ۾ سڃاڻپ، قدرن ۽ زندگيءَ جي چونڊ بابت فڪري سوالن کي اجاگر ڪري ٿو[1]. ناول ۾ مالا کي هندستاني روايتن، خانداني هم آهنگي ۽ اخلاقي قدرن سان وابسته ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته مايا شروعات ۾ مغربي طرزِ زندگي، انفرادي آزادي ۽ ظاهري جديديت جي تقليد ڪندي نظر اچي ٿي. مايا پنهنجي ذاتي تجربن، تڪليفن ۽ اندروني ڪشمڪش جي نتيجي ۾ آهستي آهستي اهو احساس حاصل ڪري ٿي ته سندس چونڊيل رستو اندروني خاليپن ۽ بي معنويت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. آخرڪار، مايا پنهنجي غلطيءَ جو ادراڪ ڪري ٿي ۽ هندستاني ثقافت، خانداني قدرن ۽ سماجي ذميوارين ڏانهن موٽي اچي ٿي. آخري انقلاب وسيلي گلي سدرانگاني سنڌي مهاجر سماج ۾ ثقافتي اجنبتيت (cultural alienation) تي تنقيد ڪندي، پنهنجي تهذيبي جڙن سان وابستگيءَ کي اهميت ڏئي ٿو. هي ناول جديديت ۽ روايت، فرديت ۽ خاندان، ۽ اخلاقي واپسي جي موضوعن کي اثرائتي ناولي صورت ۾ پيش ڪري، سنڌي ناول ادب ۾ هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:2