آئي ايس او 3166-2:PK
آئي ايس او (PK) 3166-2 پاڪستان لاءِ ISO 3166-2 ۾ موجود داخلا (entry) آهي. اهو ISO 3166 جو حصو آهي، جيڪو بين الاقوامي معيار سازي جي تنظيم پاران شايع ٿيل آهي. هي معيار انهن اهم انتظامي حصن، جهڙوڪ صوبن يا رياستن، جي نالن لاءِ ڪوڊ مقرر ڪري ٿو، جيڪي ISO 3166-1 ۾ شامل ملڪن جا حصا آهن.
في الحال، پاڪستان لاءِ ISO 3166-2 ڪوڊ هڪ وفاقي گاديءَ واري علائقي، چئن صوبن ۽ پاڪستان جي انتظام هيٺ ٻن علائقن لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. اسلام آباد وفاقي گاديءَ واري علائقي ۾ ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ "اسلام آباد" شامل آهي ۽ ان کي صوبن ۽ ٻين علائقن جي برابر خاص حيثيت حاصل آهي.
هر ڪوڊ ٻن حصن تي مشتمل هوندو آهي جن جي وچ ۾ هڪ ڊيش (hyphen) لڳل هوندو آهي. پهريون حصو "PK" آهي، جيڪو پاڪستان جو ISO 3166-1 الفا-2 (alpha-2) ڪوڊ آهي. ٻيو حصو ٻن اکرن تي مشتمل هوندو آهي، جيڪا صوبن يا علائقن جي نشاندهي ڪن ٿا.
موجوده ڪوڊ
[سنواريو]ذيلي ورهاستن (subdivisions) جا نالا ISO 3166 مينٽيننس ايجنسي (ISO 3166/MA) پاران شايع ٿيل ISO 3166-2 معيار مطابق ڏنل آهن.
هيٺين انتظامي ٻولين ۾ ذيلي حصن جي نالن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ISO 639-1 ڪوڊ استعمال ڪيا ويا آهن:
| ڪوڊ
**** |
ذيلي ورھاست جي قسم
********* |
ذيلي ورھاست جو نالو | نالو
(انگريزي ۾) |
نالو | اردو نالي جو انگريزي اچار (BGN/PCGN 2007) |
|---|---|---|---|---|---|
| PK-JK | پاڪستان جي انتظام هيٺ | آزاد ڄمون ۽ ڪشمير | Jammu and Kashmir | آزاد جموں و کشمیر | Āzād Jammūñ o Kashmīr
(local variant: AJ&K) |
| PK-BA | صوبو | بلوچستان | Balochistan | بلوچستان | Balōchistān |
| PK-GB | پاڪستان جي انتظام هيٺ | گلگت بلتستان | Gilgit-Baltistan | گلگت بلتستان | Gilgit-Baltistān |
| PK-IS | وفاقي راڄڌاني علائقو | اسلام آباد | Islamabad | وفاقی دارالحکومت | Islāmābād |
| PK-KP | صوبو | خيبر پختونخوا | Khyber Pakhtunkhwa | خیبر پختونخوا | Khaībar Pakhtūnkhwā |
| PK-PB | صوبو | پنجاب | Punjab | پنجاب | Panjāb |
| PK-SD | صوبو | سنڌ | Sindh | سِنْدھ | Sindh |
نوٽ:
- ↑ For reference only, Urdu name in Urdu script not included in the ISO 3166-2 standard.
پراڻا ڪوڊ جيڪا ختم ٿي ويا
[سنواريو]| ڪوڊ | ذيلي ورھاست جو قسم | ذيلي ورھاست جو نالو |
|---|---|---|
| PK-TA | وفاق جي انتظام هيٺ علائقو | وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقو |
حوالا
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- ISO Online Browsing Platform: PK
- Provinces of Pakistan, Statoids.com