مواد ڏانھن هلو

آئيڊا ريئو اسڪول

آئيڊا ريو اسڪول
Ida Rieu School
Address
Map

،
معلومات
قسمانڌي ۽ ٻوڙي ٻارن لاء اسڪول
قيام1922
بانيآئيڊا ريو ويلفيئر ايسوسيئيشن
پرنسيپلمنزه مسعود
Genderٻار (ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون)
Age4+
Enrollment900 Blind and Deaf Students (2019)

انڌن ۽ ٻوڙن لاءِ آئيڊا ريو اسڪول (Ida Rieu School for Blinds and Deafs) سال 1922ع ۾ ڪراچي، پاڪستان ۾ قائم ڪيو ويو.[1] ان جو نالو آئيڊا آگسٽا ريو جي نالي تي رکيو ويو، جيڪا سنڌ جي ڪمشنر جي.ايل.ريو جي زال هئي.[2]

آئيڊا ريو ۾ نه رڳو معذور ماڻهن لاءِ هڪ اسڪول آهي، پر هڪ هاسٽل، هڪ ڪاليج ۽ هڪ بزرگن لاءِ گهر پڻ آهي. وڏي تعداد ۾ انسان دوست اسڪول جي مدد ڪن ٿا. جيڪو نه رڳو تعليمي سهولتون فراهم ڪري ٿو، پر معذور شاگردن کي پيشه ورانه تربيت پڻ ڏئي ٿو.[3]

سال 2006ع ۾، انڌن ۽ ٻوڙن لاءِ ايدا ريو ڪاليج ۾ چار نارين سميت، پنج شاگردن ماسٽر ڊگري پروگرام ۾ داخلا حاصل ڪيا. اهو پهريون ڀيرو هو ته ادارو ڪراچي يونيورسٽي ۾ آرٽس فيڪلٽي جي تحت ماسٽرز ليول پروگرام متعارف ڪرايو.

اوسط طور تي، آئيڊا ريو جا 12 کان 16 شاگرد ڪاليجن (ايڇ ايس سي جي) امتحانن ۾ ويهندا آهن. جڏهن ته ٻيا 10 يا وڌيڪ ڊگري سطح جي امتحانن ۾ ويهندا آهن. اسڪول جا ڪجهه شاگرد، امتحانن ۾ اعليٰ پوزيشنون پڻ حاصل ڪيون آهن. قدسيه خان اسڪول جي پرنسپل آهي.[4]

سال 2007ع ۾، ميٽرڪ جي امتحان ۾، آئيڊا ريو اسڪول جي نارين شاگردون شاندار نتيجا حاصل ڪيا. ڏهه انڌي ڇوڪريون امتحان ۾ حصو ورتو، جن مان ٽن پهرين ڊويزن حاصل ڪئي ۽ هڪ پهرين ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ڇوڪرن مان نو شرڪت ڪيا ۽ ٽن پهرين ڊويزن حاصل ڪيا. ٻنهي جو مجموعي نتيجو 100 سيڪڙو هو.[5] سال 2008ع ۾، اداري ۾ 900 کان وڌيڪ انڌا ۽ ٻوڙا شاگرد ۽ شاگرديون هيون.

it has undertaken to provide the latest modified gadgets to allow the inclusion into information society i.e., Braille keyboards, screens, voice activated devices, special videos, and toys that promoted learning for children with varying degrees of blindness.[6]

An extract from the 2023 census of the city's population reveals that visual problems affect 2.18 percent of the population, while hearing difficulties affect 2.51 percent.[7]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Journal of the Pakistan Medical Association July 2007, Volume 57, Issue 7". اصل نسخو مان 14 October 2020 تي محفوظ ڪيل. 8 October 2020 تي حاصل ڪيل.
  2. "Journal of the Pakistan Medical Association July 2007, Volume 57, Issue 7". اصل نسخو مان 14 October 2020 تي محفوظ ڪيل. 8 October 2020 تي حاصل ڪيل.
  3. "Journal of the Pakistan Medical Association July 2007, Volume 57, Issue 7". اصل نسخو مان 14 October 2020 تي محفوظ ڪيل. 8 October 2020 تي حاصل ڪيل.
  4. "Journal of the Pakistan Medical Association July 2007, Volume 57, Issue 7". اصل نسخو مان 14 October 2020 تي محفوظ ڪيل. 8 October 2020 تي حاصل ڪيل.
  5. "Journal of the Pakistan Medical Association July 2007, Volume 57, Issue 7". اصل نسخو مان 14 October 2020 تي محفوظ ڪيل. 8 October 2020 تي حاصل ڪيل.
  6. "Inclusion of Marginalized Communities". اصل نسخو مان 10 July 2011 تي محفوظ ڪيل. 29 July 2009 تي حاصل ڪيل.
  7. Dawn February 9, 2025

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

24°52′18″N 67°2′12″E / 24.87167°N 67.03667°E / 24.87167; 67.03667