مواد ڏانھن هلو

آئيني جي اڳيان (1968)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آئيني جي اڳيان

ٻولي سنڌي
موضوع خود تجزيو، شخصيت، فڪري تنقيد
صنف ادبي نثري ڪتاب
اشاعت 1968ع





آئيني جي اَڳيان (1968) سنڌي ادب جو هڪ اهم مجموعو آهي، جنهن جو انگريزي عنوان Before the Mirror آهي. هي ڪتاب اَرڙھن همعصر سنڌي ليکڪن جي پاڻ بابت لکيل خود عڪاسيءَ تي ٻڌل مضمونن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو بنيادي خيال “آئينو” آهي، جنهن کي استعارو بڻائي ليکڪ پاڻ کي ڪاري، اڇي ۽ ڀوري رنگن ۾ ڏسندا ۽ پيش ڪندا آهي[1].

.

مواد ۽ جوڙجڪ

[سنواريو]

هن مجموعي ۾ شامل ليکڪ خود تجزئي (self-analysis) جي ڪوشش ڪندي پنهنجي شخصيت، فڪري لاڙن، قوتن ۽ ڪمزورين تي بي لاڳاپي سان روشني وجهن ٿا. اهي مضمون نه رڳو ذاتي زندگيءَ جا پهلو ظاهر ڪن ٿا، پر تخليقي عمل، ادبي ذميواري ۽ ليکڪ جي اندروني جدوجهد بابت به اهم اشارا ڏين ٿا. اهڙي طرح ڪتاب سوانحي ۽ ادبي تنقيد جي وچ ۾ هڪ منفرد سنگم بڻجي ٿو.

ادبي اهميت ۽ اثر

[سنواريو]

آئيني جي اَڳيان جي وڏي اهميت اها آهي ته هن ڪتاب ڪيترن ئي ليکڪن کي سندن ادبي سفر جي شروعاتي مرحلي ۾ پاڻ کي ويجهڙائي سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ڏنو. هي خود احتسابي عمل بعد ۾ انهن کي سنڌي ادب جا اهم ۽ اثرائتا نالا بڻجڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ واري دور جي سنڌي ادبي فضا ۾، هي ڪتاب خود سڃاڻپ، شعوري واڌ ۽ تخليقي پختگيءَ جي علامت طور سڃاتو وڃي ٿو.

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ A DICTIONARY OF SINDHI : Jt. LITERATURE MOTILAL JOTWANIFirst Edition : 13 January, 1996 New Delhi, page:1