مواد ڏانھن هلو

آئسوٽوپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آئسوٽوپ يا همجاء (Isotope) ڪيميائي عنصرن جي اھڙي حالت آھي جنھن ۾ عنصرن جا ايٽمي نمبر (Z) تہ ساڳيا ھوندا آهن پر انهن جا ايٽمي مايا (A) مختلف ھوندا آھن ۽ عنصرن جي دوري جدول ۾ ساڳي پوزيشن آهي، تنهنڪري ساڳئي ڪيميائي عنصر سان تعلق رکن ٿا، پر انهن جي نيوڪليس ۾ نيوٽران جي مختلف انگن جي ڪري، مختلف ايٽمي ماس نمبر (A) رکندا آهن. جڏهن ته ڏنل عنصر جي سڀني آئسوٽوپس ۾ ساڳيون ڪيميائي خاصيتون هوندرون آهن، پر انهن جا ايٽمي مايا ۽ طبيعي خاصيتون مختلف هونديون آهن.

هائيڊروجن جا قدرتي طور تي موجود ٽي همجاء يا آئسوٽوپ. هر همجاء ۾ هڪو ائ پروٽان هوندو آهي، جيڪا انهن سڀني کي هائيڊروجن جا ائ مختلف قسم بڻائيندو آهي. همجاء جي سڃاڻپ پروٽان ۽ نيوٽران جي تعداد سان ڏني ويندي آهي. کاٻي کان ساڄي طرف: پروٽيم (1H)، جن مان ڪو به نيوٽران نه آهي، ڊيوٽيريم (2H) هڪ نيوٽران سان ۽ ٽريٽيم (3H) ٻن نيوٽران سان.

حوالا

[سنواريو]