مواد ڏانھن هلو

آئسوبيوٽئن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آئسوبوٽين (R600) 13.6 ڪلوگرام سلنڈر، اسٽارڪ Hvac پاران

آئسوبوٽين، (Isobutane) جنهن کي، آئي بيوٽئن، ميٿائل پروپئن ۽ ميٿائل پروپئن-2 (i-butane, methylpropane, methylpropan-2) جي نالن سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، هڪ ڪيميائي مرڪب آهي جنهن جو فارمولو HC(CH3)3 آهي. اهو بيوٽئن جو هڪ آئسومر آهي. آئسوبوٽين هڪ بي رنگ ۽ بوءِ کان سواءِ گئس آهي.اها، هڪ ٽرشيئري ڪاربان ايٽم سان گڏ سڀ کان سادو الڪين (CnH2n) آهي. آئسوبوٽين پيٽرو ڪيميڪل انڊسٽري ۾، مثال طور آئسو اوڪٽين جي ترڪيب (synthesis) ۾، هڪ اڳواٽ ماليڪيول طور استعمال ٿيندو آهي. [1]

آئسوبيوٽئن کي ريفريجرينٽ جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.[2] ريفريجريٽرن ۾ ان جو استعمال بطور ريفريجرينٽ سال 1993ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن ماحول جي بچاء جي غير سرڪاري تنظيم، گرين پيس، اڳوڻي اوڀر جرمني جي ڪمپني، فورون (Foron) سان گڏ گرين فريز پروجيڪٽ پيش ڪيو.[3] [4] ان سلسلي ۾ خالص ۽ خشڪ آئسو بيوٽئن جو بلينڊ (R-600a، آئسوبوٽين جو هڪ آميزو) جا مرڪب، جيڪا اوزون (O3) جي حفاظتي پرت کي گھٽ نقصان پهچائڻ وارا آهن ۽ تمام گهٽ گلوبل وارمنگ جي صلاحيت (GWP)، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي نسبت 3.3 ڀيرا GWP جي گھٽ صلاحيت) وارا آهن ۽ روايتي ريفريجرينٽ ۽ ايئر ڪنڊيشننگ سسٽم ۾ R-12، R-22 (ٻئي فيريون جا ٽريڊ مارڪ)، R-134a ۽ ٻين ڪلورو فلورو ڪاربن (CFC) يا هائيڊروفلوورو ڪاربن (HFC) ريفريجرينٽ جي هڪ عملي متبادل طور ڪم ڪري سگهن ٿا. آئسو بيوٽئن ۽ بئين هائيڊرو ڪاربن ريفريجرينٽ ۾ باهه لڳڻ ۽ ڌماڪي جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي، تنهن ڪري انهن جي گاڏين جي اير ڪنڊيشننگ نظام ۾ استعمال جي وڏي پيماني تي حوصلا افزائي نه ڪئي ويندي آهي يا انهن جو بلڪل ممنوع آهن.[5][6][7][8][9][10][11]

هائيڊرو ڪاربن ريفريجرينٽ جا وڪرو ڪندڙ ۽ حامي اهڙين پابندين جي خلاف دليل ڏين ٿا ته هائيڊرو ڪاربن سان ڀريل گاڏين جي ايئر ڪنڊيشننگ سسٽم جي تعداد جي نسبت، اهڙا واقعا تمام گهٽ آهن.[12][13]

هڪ فرج جي ريفريجرينٽ سسٽم ۾ آئسوبيوٽئن جي ليڪ جي ڪارڻ سال 2024ع ۾ اسپين جي شهر ويلنسيا ۾ هڪ رهائشي ڪمپليڪس ۾ باهه لڳي، جن جي ڪارڻ ڏهه ماڻهو مارجي ويا.[14]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:E number infobox 930-949

حوالا

[سنواريو]
  1. "Patent Watch, July 31, 2006.", اصل کان 11 مارچ 2007 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 8 آگسٽ 2006۔
  2. "Technical Meeting on HCFC Phase-Out: Overview of Advantages and Disadvantages of Alternatives (Montreal, Canada; European Commission on retrofit refrigerants for stationary applications)", April 2008, اصل کان 05 آگسٽ 2009 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 21 مئي 2021۔
  3. "GreenFreeze", Greenpeace, 15 مارچ 2010, اصل کان 05 آڪٽوبر 2010 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 02 جنوري 2013۔
  4. Wolfgang Lohbeck (June 2004), "Greenfreeze: from a snowball to an industrial avalanche", حاصل ڪيل 21 مئي 2021۔
  5. "U.S. EPA hydrocarbon-refrigerants FAQ", Epa.gov, حاصل ڪيل 29 آڪٽوبر 2010۔
  6. "Compendium of hydrocarbon-refrigerant policy statements, October 2006", اصل کان 08 آگسٽ 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 01 آگسٽ 2014۔
  7. "MACS bulletin: hydrocarbon refrigerant usage in vehicles", اصل کان 05 جنوري 2011 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 آڪٽوبر 2010۔
  8. "Society of Automotive Engineers hydrocarbon refrigerant bulletin", Sae.org, 27 اپريل 2005, اصل کان 05 مئي 2005 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 آڪٽوبر 2010۔
  9. "Saskatchewan Labour bulletin on hydrocarbon refrigerants in vehicles", Labour.gov.sk.ca, 29 جون 2010, اصل کان 01 جولاءِ 2009 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 آڪٽوبر 2010۔
  10. VASA on refrigerant legality & advisability آرڪائيو ڪيا ويا January 13, 2009, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  11. "Queensland (Australia) government warning on hydrocarbon refrigerants", Energy.qld.gov.au, اصل کان 17 ڊسمبر 2008 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 آڪٽوبر 2010۔
  12. "New South Wales (Australia) Parliamentary record, 16 October 1997", Parliament.nsw.gov.au, 16 آڪٽوبر 1997, اصل کان 1 July 2009 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 آڪٽوبر 2010۔
  13. "New South Wales (Australia) Parliamentary record, 29 June 2000", Parliament.nsw.gov.au, اصل کان 22 May 2005 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 29 آڪٽوبر 2010۔
  14. Domínguez, Teresa (3 May 2024). "Una fuga del gas refrigerante de la nevera del piso 86 propició el inicio del incendio de Campanar" (es-ES ۾). Levante-EMV. https://www.levante-emv.com/comunitat-valenciana/2024/05/03/incendio-valencia-fuga-gas-refrigerante-nevera-propicio-incendio-campanar-101873351.html.