آئسوبيوٽئن
آئسوبوٽين، (Isobutane) جنهن کي، آئي بيوٽئن، ميٿائل پروپئن ۽ ميٿائل پروپئن-2 (i-butane, methylpropane, methylpropan-2) جي نالن سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، هڪ ڪيميائي مرڪب آهي جنهن جو فارمولو HC(CH3)3 آهي. اهو بيوٽئن جو هڪ آئسومر آهي. آئسوبوٽين هڪ بي رنگ ۽ بوءِ کان سواءِ گئس آهي.اها، هڪ ٽرشيئري ڪاربان ايٽم سان گڏ سڀ کان سادو الڪين (CnH2n) آهي. آئسوبوٽين پيٽرو ڪيميڪل انڊسٽري ۾، مثال طور آئسو اوڪٽين جي ترڪيب (synthesis) ۾، هڪ اڳواٽ ماليڪيول طور استعمال ٿيندو آهي. [1]
آئسوبيوٽئن کي ريفريجرينٽ جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.[2] ريفريجريٽرن ۾ ان جو استعمال بطور ريفريجرينٽ سال 1993ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن ماحول جي بچاء جي غير سرڪاري تنظيم، گرين پيس، اڳوڻي اوڀر جرمني جي ڪمپني، فورون (Foron) سان گڏ گرين فريز پروجيڪٽ پيش ڪيو.[3] [4] ان سلسلي ۾ خالص ۽ خشڪ آئسو بيوٽئن جو بلينڊ (R-600a، آئسوبوٽين جو هڪ آميزو) جا مرڪب، جيڪا اوزون (O3) جي حفاظتي پرت کي گھٽ نقصان پهچائڻ وارا آهن ۽ تمام گهٽ گلوبل وارمنگ جي صلاحيت (GWP)، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي نسبت 3.3 ڀيرا GWP جي گھٽ صلاحيت) وارا آهن ۽ روايتي ريفريجرينٽ ۽ ايئر ڪنڊيشننگ سسٽم ۾ R-12، R-22 (ٻئي فيريون جا ٽريڊ مارڪ)، R-134a ۽ ٻين ڪلورو فلورو ڪاربن (CFC) يا هائيڊروفلوورو ڪاربن (HFC) ريفريجرينٽ جي هڪ عملي متبادل طور ڪم ڪري سگهن ٿا. آئسو بيوٽئن ۽ بئين هائيڊرو ڪاربن ريفريجرينٽ ۾ باهه لڳڻ ۽ ڌماڪي جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي، تنهن ڪري انهن جي گاڏين جي اير ڪنڊيشننگ نظام ۾ استعمال جي وڏي پيماني تي حوصلا افزائي نه ڪئي ويندي آهي يا انهن جو بلڪل ممنوع آهن.[5][6][7][8][9][10][11]
هائيڊرو ڪاربن ريفريجرينٽ جا وڪرو ڪندڙ ۽ حامي اهڙين پابندين جي خلاف دليل ڏين ٿا ته هائيڊرو ڪاربن سان ڀريل گاڏين جي ايئر ڪنڊيشننگ سسٽم جي تعداد جي نسبت، اهڙا واقعا تمام گهٽ آهن.[12][13]
هڪ فرج جي ريفريجرينٽ سسٽم ۾ آئسوبيوٽئن جي ليڪ جي ڪارڻ سال 2024ع ۾ اسپين جي شهر ويلنسيا ۾ هڪ رهائشي ڪمپليڪس ۾ باهه لڳي، جن جي ڪارڻ ڏهه ماڻهو مارجي ويا.[14]
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Patent Watch, July 31, 2006". اصل نسخو مان March 11, 2007 تي محفوظ ڪيل. August 8, 2006 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Technical Meeting on HCFC Phase-Out: Overview of Advantages and Disadvantages of Alternatives (Montreal, Canada; European Commission on retrofit refrigerants for stationary applications)" (PDF). April 2008. محفوظ ڪيل (PDF) مان اصل نسخي کان 2009-08-05 تي محفوظ ڪيل. 2021-05-21 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "GreenFreeze". Greenpeace. 2010-03-15. اصل نسخو مان 2010-10-05 تي محفوظ ڪيل. 2013-01-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Wolfgang Lohbeck (June 2004). "Greenfreeze: from a snowball to an industrial avalanche" (PDF). 2021-05-21 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "U.S. EPA hydrocarbon-refrigerants FAQ". Epa.gov. 2010-10-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Compendium of hydrocarbon-refrigerant policy statements, October 2006" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 2014-08-08 تي محفوظ ڪيل. 2014-08-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "MACS bulletin: hydrocarbon refrigerant usage in vehicles" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 2011-01-05 تي محفوظ ڪيل. 2010-10-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Society of Automotive Engineers hydrocarbon refrigerant bulletin". Sae.org. 2005-04-27. اصل نسخو مان 2005-05-05 تي محفوظ ڪيل. 2010-10-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Saskatchewan Labour bulletin on hydrocarbon refrigerants in vehicles". Labour.gov.sk.ca. 2010-06-29. اصل نسخو مان 2009-07-01 تي محفوظ ڪيل. 2010-10-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ VASA on refrigerant legality & advisability آرڪائيو ڪيا ويا January 13, 2009, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Queensland (Australia) government warning on hydrocarbon refrigerants" (PDF). Energy.qld.gov.au. اصل نسخو (PDF) مان 2008-12-17 تي محفوظ ڪيل. 2010-10-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "New South Wales (Australia) Parliamentary record, 16 October 1997". Parliament.nsw.gov.au. 1997-10-16. اصل نسخو مان 1 July 2009 تي محفوظ ڪيل. 2010-10-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "New South Wales (Australia) Parliamentary record, 29 June 2000". Parliament.nsw.gov.au. اصل نسخو مان 22 May 2005 تي محفوظ ڪيل. 2010-10-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Domínguez, Teresa (3 May 2024). "Una fuga del gas refrigerante de la nevera del piso 86 propició el inicio del incendio de Campanar". Levante-EMV (يورپي اسپيني ۾). 15 October 2024 تي حاصل ڪيل.