سانگهڙ ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سانگھڙ ضلعو کان چوريل)
سانگھڙ
ضلعو
ضلعه سانگهڙ
سانگھڙ ضلعو ۽ ان جا تعلقا
سانگھڙ ضلعو ۽ ان جا تعلقا
سانگھڙ is located in سنڌ
سانگھڙ
سانگھڙ
سانگھڙ is located in Pakistan
سانگھڙ
سانگھڙ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°02′N 68°56′E / 26.033°N 68.933°E / 26.033; 68.933مڪانيت: 26°02′N 68°56′E / 26.033°N 68.933°E / 26.033; 68.933
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ڊويزن شھيد بينظيرآباد ڊويزن
يونين ڪاؤنسلون 49
تعلقا 6
آبادي
 • ڪل 14,53,028

سانگهڙ ضلعو (اردو: ضلع سانگھڑ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي وڏي ضلعن مان هڪ آهي. هي ضلعو '13"58°25 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ '24"4°69 اوڀر ڊگهائي ڦاڪن جي وچ ۾ آهي. ملاح قبيلي جي آباد ٿيڻ کان اڳ هي هڪ ڳوٺ هو. هن ضلعي ۾ ملاح قبيلي جي سڀ کان وڏي آبادي آهي. ان جي ايراضي 9,874 چورس ڪلوميٽر آهي. اهو سنڌ جي مرڪز ۾ واقع آهي ۽ اوڀر طرف هندستان سان لڳل آهي. ضلعي جي گاديءَ جو هنڌ، سانگهڙ، پاڻ هڪ ننڍڙو شهر آهي، جيڪو نوابشاهه شهر کان اٽڪل 35 ميل (56 ڪلوميٽر) ڏکڻ۔اوڀر ۽ ميرپور خاص جي اتر ۾ ايترو ئي مفاصلو آهي. ان جي بنيادي صنعت زراعت آهي.

سنڌ جي نقشي ۾ سانگھڙ ضلعي جو مقام

سانگهڙ ضلعي جو سڀ کان وڏو قبيلو ملاح آهي، جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ 3 لک 50 هزار آهي. ٻين قبيلن ۾ جاکرو، ڄام، راجپوت، جت، هنڱورو، وسان، ميراڻي، ميربحر، ڌاريجا، انڙ، سيال، نظاماڻي، چانڊيو، رند، لغاري، آرائين ۽ ناريجا شامل آهن. سانگهڙ ضلعي ۾ هيٺيان شهر واقع آهن:

سانگهڙ

ٽنڊو آدم

ڄام نواز علي

شهدادپور

شاهپور چاڪر

سنجھورو

جهول

سرهاڙي

سانگهڙ ضلعي کي حر مجاهدن جو ضلعو به چيو وڃي ٿو، جيڪي مسلمان بزرگ سيد شاهه مردان شاهه ثاني جا پيروڪار آهن. انگريز سرڪار خلاف به صبغت الله شاهه راشدي جي اڳواڻيءَ ۾ وڙهندا رهيا.

سانگھڙ ضلعي جا تعلقا[سنواريو]

هن ضلعي ۾ 6 تعلقا آهن.

  1. سانگهڙ تعلقو
  2. سنجهورو تعلقو
  3. شهدادپور تعلقو
  4. ٽنڊو آدم تعلقو
  5. ڄام نواز علي تعلقو
  6. کپرو تعلقو

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

سانگھڙ ضلعي جون يونين ڪاؤنسلون[1]
# يونين ڪاؤنسل # يونين ڪائونسل # يونين ڪاؤنسل
1 سانگهڙ 2 [[]] 3 [[]]
4 کاهي 5 [[]] 6 [[]]
7 هٿُنگو 8 [[]] 9 [[]]
10 ڍليار 11 [[]] 12 [[]]
13 کِپرو 14 [[]] 15 [[]]
16 ڪامل هنڱورو 17 [[]] 18 [[]]
19 بلاول هنڱورجو 20 [[]] 21 [[]]
22 رونجهو 23 [[]] 24 [[]]
25 کوڙي 26 [[]] 27 [[]]
28 [[]] 29 [[]] 30 [[]]
31 [[]] 32 [[]] 33 [[]]
34 پريتم آباد 35 [[]] 36 [[]]
37 ڪُرڪلي 38 [[]] 39 [[]]
40 قاضي فيض محمد راڄڙ 41 [[]] 42 [[]]
43 جعفر خان لغاري 44 [[]] 45 [[]]
46 [[]] 47 [[]] 48 [[]]
49 جهول 50 [[]] 51 [[]]
52 سنجهورو 53 [[]] 54 [[]]
55 شاهه مردان آباد 56 [[]] 57 [[]]
58 کڏڙو 59 [[]] 60 [[]]
61 [[]] 62 [[]] 63 [[]]
64 [[]] - - - -

حوالا[سنواريو]

  1. [1] سانگھڙ، پوليٽيڪو.ڪام