اليڪساندرڪوپرن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اليڪساندر ڪوپرن
Aleksandr Kuprin
پيدائش اليڪساندر ایوانووچ ڪوپرن
سيپٽمبر 07 1870(1870-09-07)ء
پینزا, روسي سلطنت
وفات 25 آگسٽ 1938 (عمر 68 سال)ء
لينن گراڊ, سويت يونين
قلمي نالو اليڪساندر ڪوپرن
ڌنڌو مصنف، صحافي، پائليٽ، مُهم جو
ٻولي روسي
قوميت  روس
صنف افسانا، ناول
ادبي تحريڪ فطرت پسندي
مُکيه ڪم دي ڊوئيل
نائٽ شفٽ
سرڪس ۾
ايوارڊ پشڪن انعام

دستخط

اليڪساندر ایوانووچ ڪوپرن Russian: Алекса́ндр Ива́нович Купри́н, tr. Aleksandr Ivanovich Kuprin(پیدائش: 7 سيپٽمبر 1870ء - وفات: 25 آگسٽ 1938ء) اُڻويهين صديءَ جو روسي مصنف، ناول وافسانہ نگار، صحافي، پائليٽ ۽ مُهم جو آهي جو پنهنجي مشهورترين ناول "دي ڊوئيل" جي وجهه سان مشُهور و معروف آهي۔

حالات زندگي و فن[سنواريو]

اليڪساندرڪوپرن 7 سيپٽمبر 1870ء ۾ روسي سلطنت جي صوبي پینزا ۾ غریب منشي خاندان ۾ پیدا ٿيو۔[1]

ننڍپڻ يتيمي ۽ عسرت میں گزريس۔ ڏهن سالن جي عمر ۾ فوجي اسڪول ۾ تربيت پاتائين ۽ سخت و ڪرخت زندگيءَ جي انهن ڏهن سالن کي فنڪارانه خوبيءَ سان خودنوشت سوانحي ناول جي ٻن حصن ۾ بيان ڪيائين۔ "يونڪر" ناول جيڪو ڪوپرن انقلاب 1917ء جي بعد ترڪ وطن جي زماني (1928ء - 1932ء ) ۾ لکيائين، پنهنجي حقیقت پسندي ۽ نفسياتي ڪيفيتن جي لاهن چاڙهن جي سبب ڪافي مقبول ٿيو۔[2]

ڪوپرن فوجي ملازمت بلڪل تُرڪ ڪري ڪيف ۾ ادبي پروفيسري اختیار ڪئي۔ بعد ۾ (1897ء) ۾ اھا به تُرڪ ڪيائين۔ معمولي ڪاشتڪار بڻجي رهيو۔ هر دور ۾ برابر افسانا ۽ ناول لکندو ۽ شايع ڪرائيندو رهيو۔ 1905ء کان ٿورو پهرئين ۽ انقلاب جي روسي زندگي ۽ آپ بيتي تي مُبني سندس افسانن ۽ ناولن ٽالسٽائي ۽ چيخوف کي پڻ متاثر ڪيو۔ شروع ۾ انقلاب جو حامي هيو، ٻن سالن بعد "تهذيب جي بدحالي" هِن کي بدگمان ڪري ڇڏيو ۽ هو يورپ هليو ويو۔ سترنهن سال بي وطنيءَ جي زندگي ۾ گهڻو ڪري پيرس ۾ گُزارڻ ۽ اُتي جي ڏُکايل آتمائن جي سوانح پڻ پنهنجي خاص دلڪش ۽ فڪرانگيز انداز ۾ لکيائين۔ هن جي ڪثير تصنيفن ۾ "یاما" (طوائف جي زندگي)، "چاندي رات"، نائٽ شفٽ"، سرڪس ۾" ۽"الي سیا" عالمي شُهريت ماڻي۔ 1937ء ۾ روس واپس آيو.[2]

تصنیفون[سنواريو]

اعزاز[سنواريو]

وفات[سنواريو]

ڪوپرن جي وفات 68 سال جي عمر ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ڪري 25 آگسٽ 1938ء ۾ لينن گراڊ, سويت يونين ۾ ٿي۔[1]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 اليڪساندر ایوانووچ ڪوپرن، دائرۃ المعارف برطانیڪا آن لائن
  2. 2.0 2.1 جامع اردو انسائيڪلوپيڊيا (جلد-1 ادبیات)، قومي ڪونسل براءِ فروغِ اردو زبان، نئي دهلي،2003ء، ص 444