Wikipedia:نياتي باب
|
جيڪي به هتي ميمبر آهن انهن جي هڪڙي ئي خواهش آهي ته سنڌي پيڊيا ترقي ڪري ۽ ان ۾ دوست دلچسپي وٺن. هتان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو درست اکرن يا فانٽس جي استعمال جو آهي. ٻي ڳاله ته هڪ ايڊمن هجڻ سبب ان جي غير موجودگيءَ ۾ غير مناسب لفظن جو استعمال ٿيندو رهي ٿو. ان ڪري مان اوهان اڳيان اها ڳاله رکان ٿو ته مهرباني ڪري هن پروجيڪٽ کي وڌائڻ ۽ سنوارڻ ۾ اوهان به سرگرم ڪردار ادا ڪيو. ان لاءِ صرف هيٺين ٻن ڳالهين تي عمل ڪريو ته جيئن اسان سڀ گڏجي ”سنڌي پيڊيا“ تي ٻين ٻولين جيان ڄاڻ جو بهترين مجموعو بنائي سگهون. (مان صلاح ڏيان ٿو) 1 ـ هيٺ ڏنل ايڊريس تي وڃي انگريزيءَ ۾ پنهنجا ڪمينٽس لکي اچو ته جيئن ”ميٽا وڪي“ وارن کي خبر پوي ته هتي اسان سان ڪهڙيون دشواريون آهن. هيٺ ڏنل ميٽا وڪي ايڊريس کولي ميمبر ٿي پوءِ اوهان اتي صلاح لکو ته بهتر ٿيندو: (ياد رهي ته اُتي انگريزيءَ ۾ لکڻو آهي.)
|
اسان چاهيون ٿا سنڌي پيڊيا به دنيا جي ٻين ٻولين جيان ڄاڻ سان ڀريل هجي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ سنڌي دوستن جي هن طرف توجه آهي ئي ڪانه. ان جا ڪجه سبب ٿي سگهن ٿا مثال طور هتي اکر درست نٿا ڏسڻ ۾ اچن ۽ هر جاءِ تي ٽيمپليٽ استعمال ڪرڻو پوي ٿو، ٻيو ته جنهن باڪس ۾ اکر لکجن ٿا اهي هڪٻئي کان جدا نظر اچن ٿا. اهي ٻڌايل خاميون سنڌي پيڊيا جو ايڊمن دور ڪري سگهي ٿو. مان صرف ان ڪري مخاطب آهيان ته اوهان مان جيڪي دوست هتي سرگرم ٿيڻ چاهين ٿا اهي پنهنجا مشورا ۽ رايا هتي لکن ته جيئن گڏجي انهن کي حل ڪري سگهجي. ان کان علاوه دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجن دوستن کي پڻ ان طرف راغب ڪن ته جيئن هن سنڌي پيڊيا تي تصديق شده معلومات گڏ ڪري سگهجي. Alixafar 20:08, 24 نومبر 2011 (UTC)
فهرست |
[سنواريو] هتان جو خاميون دور ڪيئن ڪجن
موجوده ايڊمن کي اپيل ڪجي ته جيڪي خاميون گذريل چار سالن کان برقرار آهن اهي اوهان ڇو درست نه ڪيون آهن. جيڪڏهن اوهان وٽ وقت گهٽ آهي يا ڪجه شين کي سمجهڻ کان قاصر آهيو ته هتي ڪميونٽيءَ سان صلاح مشورا ڪري سگهو ٿا. اوهان جي مونوپولي سبب هتي دوستن کي ڪوبه اتساھ ڪون ٿو ملي رهندو ”سي ايس ايس“ فائلن جي عجيب ترتيب اهڙو ته هن سنڌي پيڊيا کي غيرسنجيده بنايو آهي جو ڪٿي اکر وڏا ته ڪٿي ننڍا ٿا ڏسڻ ۾ اچن. هتي ئي کڻي ڏسو ته ڪيئن نه اکر هڪٻئي کان جدا پيا ٿين. نتيجي طور نئون يوزر تمام گهڻي مونجهاري جو شڪار ٿئي ٿو. ان ڪري ايڊمن کي نماڻي گذارش آهي ته يا پاڻ سي ايس ايس فائل درست ڪري يا وري ان کي بلاڪ ڪرڻ کان پاسو ڪري ته جيئن سي ايس ايس فائلن کي درست ڪري سگهجي.
[سنواريو] اهڙي سنڌي ڪهڙي ڪم جي جيڪا هڪ سنڌيءَ کي پڻ سمجھ ۾ نه اچي
مثال طور هر سنڌي ماڻهو ڪمپيوٽر کان واقف آهي پر اوهان جي دماغ جو سرجيل ”ڳڻپيوڪر“ لفظ ڪافي مونجهارا پيدا ڪري رهيو آهي. هڪ دوست چواڻي اوهان ڪيلڪيوليٽر کي ته ڳڻپيوڪر ڀلي سڏيو پر ڪمپيوٽر لاءِ ساڳيو لفظ انتهائي غير موزون آهي. اميد ته اوهان 2006ع وارا رويا درست ڪري ڇڏيا هوندا. پر جيڪڏهن اڃا تائين اوهان وٽ اهڙي مونوپولي برقرار آهي ته پوءِ اسان وٽ به ڪافي آپشن آهن اوهان کي منهن ڏيڻ لاءِ ـ
[سنواريو] يوزرس جو سرگرم ٿيڻ
اوهان رڪارڊ جاچي ڏسو هن وقت ڪافي نوان دوست ميمبر ٿي رهيا آهن ۽ لڳاتار سرگرم ڪردار به ادا ڪري رهيا آهن. بهتر اهو ٿيندو ته وڪي پيڊيا جي بنيادي اصولن تي عمل ڪندي، سنڌي پيڊيا تي ذاتي اپٽار کان پاسي ڪيو وڃي ۽ تصديق ٿيل، حوالن سميت ۽ درست ترين مواد سڀن اڳيان آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ايڊمن ذاتي اشتهار بازي کان نه موڙيو ته ان جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو ته ميمبر به مونجهاري جو شڪار ٿيندي پنهنجا ذاتي مضمون ۽ شاعري وغيره پوسٽ ڪندا رهندا ۽ هي سنڌي پيڊيا ڄاڻ جي ڀنڊار ٿيڻ بجاءِ ميمبرن لاءِ هڪ ذاتي سوشل سائٽ بنجي پوندو.
[سنواريو] پيارا عرساڻي هاڻي اوهان ئي وضاحت ڪري سگهو ٿا
مون مٿي ڪافي سوال اٿاريا آهن، اوهان کي گهرجي ته انهن سمورين ڳالهين جي وضاحت ڪندا، ڇاڪاڻ ته ميمبرن جي ان ڳاله سان دلچسپي ناهي ته هتي ايڊمن ڪير آهي پر انهن جي دلچسپي اها آهي ته موضوع لکڻ وقت اکر هڪ جهڙا ظاهر ٿين ۽ کين گهٽ ۾ گهٽ مونجهارو ٿئي. آسان ٽيمپليٽ جوڙڻ لاءِ انگريزي پيڊيا مان سبق حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيئن ”سي ايس ايس“ فائل ـ اوهان جي جواب جي اوسيئڙي ۾ ـ Alixafar 20:25, 24 نومبر 2011 (UTC)
[سنواريو] Summary and perspectives from Discussions with Indic language wikimedians -2011
Dear Sindhi wikipedians,
I am Shiju Alex, Consultant, Indic Initiatives, India Programs of WMF. I am here to support you to build community and wikipedia for Sindhi wikipedia. Over the past few weeks I spoke with wikipedians from different Indic languages. But I couldn't find any active community member from Sindhi wikipedia to speak. If any one is interested to work on Sindhi wikipedia and to grow its community I can assist you in all possible ways. Please reach me at shiju@wikimedia.org for any help.
I have sent a detailed note to the various local language and India community mailing list summarizing my discussions with various Indic editors. In this note, I have also shared my perspectives on a series of issues related to community building (keeping existing editors, welcoming back old editors, attracting newbies, improving outreach, encouraging communication, collaborating on articles, and celebrating success), project quality (discouraging the use of bots for content creation and being more selective in adoption of English wikipedia policies) as well as on readership. It is a long post but I request you to go through this page in meta wiki. Please share your comments and feedback as a reply below this, or on the meta talk page of my post, or directly to me. I am really keen on hearing from as many of you as I can - and to start working together. --Shiju 07:24, 26 ڊسمبر 2011 (UTC)