واپرائيندڙ:ڊاڪٽر شير مهراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعر، نقاد، محقق ۽ لطيفيات جو ڄاڻُو ڊاڪٽر شير مهراڻي ولد پير بخش مهراڻي، پهرين مارچ 1980ع تي ڳوٺ احدي خان راڄپر، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول احدي خان راڄپر، مڊل ڳوٺ ٻٻر وڏن جي سرڪاري مڊل اسڪول، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا، انٽر گورنمينٽ هائيرسيڪنڊري اسڪول ڪنب، بي.ايس.سي (باٽني) 2000ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۽ ايم.اي سنڌي ادب ۽ ايم اي انگريزي ادب پڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ڪيائين. ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات’ تي 2013ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي.

2014ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جنهن کانپوءِ 2015ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو؛ جتي اڄ به هو پنهنجون ذميواريون بهترين نموني سان نڀائي رهيو آهي.

ڊاڪٽر شير مهراڻي وڏي عرصي تائين مشهور ادبي رسالي ماهوار ’سوجهري‘ جو پهرين جوائنٽ ايڊيٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر رهيو. هن وقت هو سنڌي ادبي سنگت جي ‘سنگت مئگزين’ ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران نڪرندڙ تحقيقي جرنل ‘ڪلياڻ’ جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل آهي. هو ڳچ سال ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي خبرن واري شعبي ۾ ’نيوز ٽرانسليٽر‘ ۽ ‘نيوز ريڊر’ جي حيثيت سان پڻ سلهاڙيل رهيو آهي. هو سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. هو سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنب ۽ ڪراچيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي.

ڊاڪٽر شير مهراڻي تحقيق، تنقيد ۽ شاعريءَ ۾ سٺو نالو ٿي اڀريو آهي. شاهه لطيف جي جماليات، جديد شاعري، تصوف ۽ جديد ادبي تنقيدي نظرين تي کيس دسترس حاصل آهي. سندس تنقيدي ۽ تحقيقي تحريرن کي سنڌ توڙي هند ۾ وڏي پذيرائي ملي آهي. هن ٿورڙي وقت ۾ پاڻ مڃايو آهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي. هن 20 کان مٿي تحقيقي مقالا لکيا آهن ۽ سوين ڪالم سندس ڪريڊٽ تي آهن. سندس ڇپيل۽ اڻڇپيل ڪتابن ۾ هي ڪتاب شامل آهن. (1) شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات جو تصور، 2013ع (اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد طرفان شاھ لطيف ايوارڊ ماڻيل) (2) شاھ لطيف جو جديد اڀياس 2014ع (لئنگويج اٿارٽي طرفان بهترين تحقيق جو ايوارڊ ماڻيل) (3) جماليات: تنقيدي جائزو 2016ع (4) تاپسي، ناول (ترجمو) ماهوار سوجهري ۾ قسطوار ڇپيل (5) جديد سنڌي غزل فن ۽ فڪر (اڻڇپيل) (6) انٽرويو (اڻڇپيل) (7) شاعري ءَ جو ڪتاب (اڻڇپيل) (8) پوئٽڪس جو سنڌي ترجمو(1017ع) (9) شاھ لطيف جي شاعريءَ تي لکيل انگريزي ڪتاب(ڇپائي هيٺ) سنڌ جي ثقافت کاتي پاران کيس 2018ع جو شاھ لطيف ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آهي. پي ايڇ ڊي اسڪالر منصور ڀلهو لکي ڀٿ: موهين جي مٽيءَ جو موهيندڙ ماڻهو:ڊاڪٽر شير مهراڻي


لکڻ، پڙهن ڏاڍو اوکو ڪَم آهي. پر وري ڪنهن ”ڏاهپ رکندڙ“ شخصيت تي لکڻ اڃان وڌيڪ اوکو ڪم ٿيو وڃي. مارچ جومهينو تاريخ جي حوالي سان ڏاڍو ڏکوئيندڙ مهينو به آهي ته سهڻو ۽ وڻندڙ به آهي. ڏکوئيندڙ ان ڪري جو هنِ مهيني ۾ ”چار مارچ“ وارو ڏينهن آهي، جيڪو سنڌ جي سياسي سجاڳي، ادبي هلچل جي حوالي سان ”شاگردن“ جي ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل قربانين وارو ڏينهن آهي. وڻندڙ ان ڪري آهي جو هيءُ مهينو شيخ اياز جي جنم جو مهينو به آهي ته بهار جو مهينو به آهي. هن مهيني ۾ ڪيترائي ٻار پيدا ٿيا هوندا، ضرور کي وڇڙيا به هوندا، ايئن ئي ڏک ۽ خوشيءَ جو پاڻ ۾ گهرو ڳانڍاپو آهي. اهي ٻئي انسان جي زندگي سان پاڇي وانگر گڏ هلندا رهندا آهن. 1980ع پهرين مارچ جي ڏينهن ۽ تعلقي ڪوٽ ڏجيءَ جي ڳوٺ احدي خان راڄپر جي پاسي ۾ قناصرا شاخ جي ڪپ تي پڪ سري ننڍي گهر ۾ سَخي مَرد پير بخش مهراڻي جي گهر ۾ فجر جي مَهل ننڍڙي ٻار جي روئڻ جي آواز گهر ڀاتين جي خوشين ۾ اضافو آندو. سخي مرد پير بخش مهراڻيءَ کي راڄ ڀاڳ جي ماڻهن وڏيون مبارڪون ڏنيون. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هِن ٻار جو نالو محمد بخش رکيو ويو، جيڪو شايد سندس امڙ کي نه وڻيو جو هن کيس چيو منهنجو پٽ ته شير آهي، ۽ ايئن هي شير مهراڻي اڳتي هلي ادب جو ڊاڪٽر شير مهراڻي ٿي ويو. چوندا آهن ”ٻار“ ايندڙ وقت جو ابو آهي. سو واقعي ”ٻار“ ايندڙ وقت جا ’ابا‘ ٿيندا آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ داخلا وٺڻ جي لاءِ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر سائين شير مهراڻي جي آفيس پهتس جتي پهريون ڀيرو سائين شير مهراڻي سان منهنجي ملاقات ٿي. ’مهراڻي‘ لفظ ذهن ۾ ڦرندو رهيو. سنڌو درياءَ جنهن کي ’مهراڻ‘ به چوندا آهن. ’مهراڻي‘ جي معنيٰ سنڌوءَ جي پاڻي وارو ماڻهو. ۽ ’مهراڻ‘ جي رهندڙ ماڻهو کي ’مهراڻي‘ چوندا آهن. ڊاڪٽر شير مهراڻي پنهنجي ذات بابت ڳالهائيندي هڪ پروگرام ۾ چيو هو ته، تاجل بيوس سان جڏهن سندس پهرين ملاقات ٿي هئي ته هن ٺهه ڦهه چيو هو، “سنڌوءَ جو پاڻي، وائي شاھ لطيف جي، شير مهراڻي” واقعي به سائين سنڌوءَ جي پاڻيءَ جهڙو فيض ڏيندڙ آهي، ڪوئي به وٽائنس اڃو ڪو نه ٿو موٽي. سنڌو درياههَ جڏهن موج مستيون هڻندو آهي. اُن وقت ’مهراڻ‘ جو موجون ڏسڻ وٽان هونديون آهن. درياههَ جي ڪنڌين تي ڀاڳين جا ناچ ڏسڻ وٽان هوندا آهن. سنڌي ماڻهو صدين کان وٺي سنڌو درياهه کي ڀيٽا ڏيندا آيا آهن. ۽ جڏهن مهراڻ وهي ايندو آهي ته خوشيءَ ۾ ’ڀيٽا‘ ڏيڻ وارو رواج اڄ به هلندڙ آهي. يونيورسٽي ۾ پڙهندي، اُستادن جو پڙهائڻ ۽ پيار ڏسندي، شاگردن سان پنهنجائپ وارو رشتو ڏسي ائين لڳندو هو ته، اُستاد پڙهائيندا رهن. اسين ٻڌندا ۽ سکندا رهون، اصل ڪلاس کان ٻاهر وڃڻ جي لاءِ دل نه چوندي هُئي. سائين شير مهراڻي ’لطيف‘ جو عاشق ۽ پارکو پڻ آهي. هن کي شاهه عبداللطيف جا بيت ائين ياد هوندا آهن، ڄڻ لڳندو آهي ته ’سندس امڙ سُتي پيارڻ‘ سان گڏوگڏ شاهه جي بيتن سان لولي ڏئي سمهاريو هُجي.اُها ماءُ ڏاڍي ڀاڳ ڀري آهي، جيڪا ٻار کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڌرتي جي عظيم شاعرن ۽ اِنسانن جا قول ٻڌائي سمهاريندي آهي. ٻار کي اَباڻي ٻوليءَ ۾ ’دُڪو‘ ڏيندي آهي. هر ٻار کي سندس مادري ٻوليءَ ۾ پڙهڻ ۽ سکڻ جو حق حاصل آهي. جيڪو ٻار ماءُ جي ٻوليءَ ننڍپڻ ۾ ٻڌندو آهي. ماءُ جي جھوليءَ ۾ هونگڙا ڏيندي سمهندو آهي. اهو ٻار جڏهن لکي پڙهي وڏو ٿيندو آهي. ته اهو اوتروئي ماءُ جي ٻوليءَ سان پاٻوهه ۽ پيار ڪندو آهي. جيترو هو ماء ساڻ ڪري ٿو. ٻوليءَ سان عشق سائينءَ جي به ڄڻ ته سُتي ۾ شامل هو، ۽ آهي. سو سائين شير مهراڻي سان ملاقات جو سلسلو شروع ٿيو. جڏهن به آفيس ۾ ويندو هوس، هڪ ٻه شاگرد، ڪڏهن ڪڏهن ڏهه ٻارنهن شاگرد يا مهمان ويٺل هوندا هئا. سندس ڪچهري ڪرڻ جو رنگ نج ڳوٺاڻي ’سُگھڙ‘ جهڙو هوندو هو. شاگردن سان هڪ سُٺي دوست جي حيثيت ۾ مهربان اُستاد جيان پيش ايندوآهي. هر شاگرد جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌندو پوءِ اُن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ. شاگرد کي آسان ۽ سوَلي سِنڌيءَ ۾ سمجھائڻ سندس شيوو آهي. شاگردن کي سندن گفتگو جو انداز، شعر ٻڌائڻ جو ڏانءُ، ڏاڍو وڻندو آهي. سندس ليڪچر ٻڌڻ کانپوءِ شاگرد مطمئن ٿي سائين کان موڪلائي، مَرڪندا آفيس مان هليا ويندا آهن. سائين شير مهراڻي يونيورسٽي جي هر شاگرد کي وقت ڏيندو آهي. ڀل اهو شاگرد ڪهڙي به شهر سان تعلق رکندڙ هُجي. سائين شاگردن کي وقت ڏيڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي. مون ڪيترائي اهڙا اُستاد ڏٺا آهن، جيڪي شاگردن کي وقت گهٽ ڏيندا آهن. شاگرد اُنهن جي آفيس ۾ وڃڻ کان لهرائيندا آهن. جي ويندا آهن ته اهي ڇرڪي ڇرڪي ويندا آهن. اُنهن اُستاد سان شاگرد ڊڄي ڳالهائيندا آهن. ڄڻ شاگرد ذهني مونجھاري جو شڪار هُجن. اِهڙن استادن سان شاگرد ذهني ويجھڙائپ رکي نه سگهندا آهن. ڪراچي يونيورسٽي سنڌي شعبي جي اُستادن جون محبت وساري نه ٿو سگهان. سائين مهراڻي سان شاگردن جو دوستي وارو انداز هُجڻ ڪري ڳالهه ٻولههَ ڪرڻ ۾ ڪڏهن به هٻڪ نه رکي، هر ڳالهه چٽي چئي ڏيندا آهن. گڏاپ جي شاگردن جو لهجو اصل کان عجيب آهي. هو هر ڪنهن کي ’تون‘ ڪري چوندا آهن. هڪ شاگرد سائين کي چيو: تون ڳالهه کي مي جي سمجھين ٿو؟ شاگردن جي اِهڙي جملي سائين مشڪي ڏنو، کيس ويهڻ جي لاءِ چيو، هو شاگرد ويٺو ۽ وري ڳالهايائين. “سائين! تون استاد به آهين ته دوست آهين. اسين ائين ڳالهائيندا آهيون.” سائين شير هلڪو ٽهڪ ڏئي، سڀني جي لاءِ چانهه گهرائي... پوءِ گڏاپ جي شاگرد سائين کي چيو.. سائين اسين ’ابي‘،’اما‘ کي به’تون‘ چؤُن...ڳالهه خراب لڳي ته معافي، جي نه ته “تون” چوڻ جي موڪل ڏينم” سائين وري مسڪرائي چيو تو اڪيلي کي موڪل آهي، باقي ٻين کي سمجهائي ڇڏ ته يونيورسٽي ۾ پاڻ کان وڏي توڙي استاد سان “توهان” چئي مخاطب ٿيندا ڪيو. سائين شير مهراڻي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو سهڻو لکاري آهي. سندس ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون ڪو نه آهن. سائين شير مهراڻي جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات ثقافت کاتو،2013ع جنهن تي اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جو لطيف ايوارڊ به سائين کي مليو. شاهه لطيف جو جديد اڀياس، 2014ع، جنهن تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو بهترين تحقيق جو ايوارڊ مليو۽ جماليات: هڪ تنقيدي جائزو شامل آهن. هن وقت تائين سائين جي لکيل تحقيقي مقالن جو انگ ويهن کان مٿي آهي جيڪي مختلف نيشنل ۽ انٽرنيشنل تحقيقي جرنلس ۾ ڇپيا آهي. سائين جي اَڻڇپيل ڪتابن جو به تعداد (10) ڏهن جي لڳ ڀڳ آهي. جن ۾ پوئٽڪس جو ترجمو، تاپسي ناول جو ترجمو، ميڊم ڊاڪٽر شهناز شوري جي ڪهاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ شامل آهي. مون سميت ڪيترن ئي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن جو گائيڊ به آهي. ته سٺو شاعر به آهي. ادبي رسالي سوجھري جو وڏي عرصي تائين ايڊيٽر به رهيو آهي ته ادبي سنگت شاخ ڪنب ۽ ڪراچيءَ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. هن وقت جديد سنڌي ادب، تنقيد، لطيفيات، تصوف ۽ ٻين اهڙن موضوعن تي سند سمجهيو وڃي ٿو. اڪثر ٽي وي پروگرامن ۾ ايڪسپرٽ طور شرڪت ڪري ٿو، جيڪا اسان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.