واپرائيندڙ:Dr Yousuf Soomro

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شمسي نظام ۾ زندگي جا اُڃاڻ ڊاڪٽر يوسف سومرو سائنسدانن هميشه هن سوال جي جواب کي تلاش ڪرڻ ۾ رُڌل آهن ته ٻين دنيائن ۾ زندگي ڪهڙي شڪل ۾هوندي؟ اُنهن دنيائن ۾ جن جي ڪيمسٽري ۽ تاريخ ڌرتي تي موجود انسانن کان مڙئي مختلف هوندي. ڌرتي کان ڏور اسان جي پنهنجي ڪهڪشان ۾ موجود هڪ الڳ دنيا آهي پر امڪان آهي ته اُتي زندگي ٿي سگھي ٿي ۽ جيڪڏهن زندگي هوندي ته به ڪنهن به لحاظ کان اهڙي نه هوندي جنهن کي اسان اڄ تائين ڏسي چڪا آهيون. زحل گرھ جي سڀ کان وڏي چنڊ ٽائيٽن (Titan) جو مٿاڇرو مڪمل طور تي ڪڪرن ۽ ڌنڌ سان ڍڪيل رهندو آهي. ٽائيٽن ڪنهن حد تائين اسان کي ڌرتي جيان ئي لڳي ٿو. ڌرتي جيان هن گرھ تي به وايومنڊل آهي جنهن ۾ گھڻي ڀاڳئي نائٽروجن آهي پر اُها ڌرتي تي موجود نائٽروجن کان لڳ ڀڳ 4 ڀيرا وڌيڪ گھاٽي آهي. ٽائيٽن جي هوا ۾ آڪسيجن نه آهي ۽ اُهو ڌرتي کان تمام گھڻو ٿڌو پڻ آهي. ڌنڌ جي ڪجھ سو ڪلوميٽر ٿُلهي چادر کي پار ڪرڻ کانپوءِ ڏسڻ جي لاءِ جيڪو نظارو ملي ٿو اُهو ائين لڳي ٿو ته ڄڻ اها ڌرتي جو ئي حصو هجي. ڌرتي کانسواءِ شمسي نظام ۾ فقط ٽائيٽن تي برسات وسي ٿي. ٽائيٽن تي نديون، سامونڊي ڪنارن سان گڏوگڏ سوين ڍنڍون پڻ موجود آهن اُنهن مان هڪ ڍنڍ پکيڙ ۾ اُتر آمريڪا جي سُپريئر ڍنڍ کان به وڏي آهي. ڌرتي جيان ٽائيٽن جي ندين مان ٻاڦ مٿي اُٿي ٿي ۽ گھاٽي ٿي ڪري ٻيهر برسات جي شڪل ۾ وسندي آهي. برسات سان نديون وهن ٿيون جيڪي ڌرتي جي سطح جيان تراشي ڪري ماٿرين جي شڪل ڏين ٿيون. پر هڪ وڏو فرق پڻ آهي. ٽائيٽن جا سمنڊ ۽ وسندڙ برسات عام پاڻي مان ٺهيل نه آهن پر اها مئٿين (methane) ۽ ائيٿين (ethane) جا ٺهيل آهن. ڌرتي تي اُهي ماليڪيول ملي ڪري قدرتي گئس کي ٺاهين ٿا. ٽائيٽن تي اُها پٽڙي جي شڪل ۾ آهن. ٽائيٽن تي پاڻي جو هڪ وڏو مقدار آهي پر اُهو پاڻي ڄمي ڪري پٿر جيان سخت ٿي ويو آهي. حقيقت ۾ ٽائيٽن تي جيڪا به فطري منظرن سان ڀريل خشڪي يا جبل آهن اُهي سڀ انهيءِ برف جي پاڻي مان ئي ٺهيا آهن. ٽائيٽن جو گرمي پد ڌرتي جي گرمي پد کان سوين درجا ڪاٽو آهي تنهنڪري هتي پاڻي پٽڙي شڪل ۾ نٿو ٿي سگھي. ڪارل سيگان اهو پهريون فلڪياتي حياتيات جو ماهر (Astrobiologists) هو جنهن ٽائيٽن تي زندگي هئڻ جي باري ۾ کوجنا ڪئي هئي. هاڻ به ماهرن کي اها اميد آهي ته ٽائيٽن جي هائيڊروڪاربان (hydrocarbon) ڍنڍن ۾ زندگي جا آثار ٿي سگھن ٿا پر ان قسم جي زندگي جي بنيادي ڪيمسٽري اڃان تائين اسان کي معلوم زندگي جي بناوت کان مڪمل طور تي مختلف هوندي. ڌرتي تي موجود سموري زندگي جو دارومدار پاڻي تي هوندو آهي. ٽائيٽن جي سطح تي پاڻي موجود ئي نه آهي. تنهن هوندي به اسان هڪ ٻئي قسم جي زندگي جو تصور ڪري سگھون ٿا. اهو به ٿي سگھي ٿو ته ٽائيٽن تي اهڙي قسم جا جاندار هجن جيڪي ساھ کڻڻ ۾ آڪسيجن نه پر هائيڊروجن کي استعمال ڪندا هجن ۽ ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ جي بدران مئٿين کي ٻاهر خارج ڪندا هجن ۽ توانائي جي ذريعي جي لاءِ کنڊ جي بدران ايسٽلين (acetylene) کي استعمال ڪندا هجن. اسان اهو ڪهڙي ريت معلوم ڪري سگھون ٿا ته تيل جي ڪاري رنگ وارين لهرن جي هيٺيان هن قسم جا جاندار موجود آهن يا نه؟ جيڪڏهن ٽائيٽن جي Kraken جي نالي سان سڏجندڙ سمنڊ ۾ ٽٻي لڳائي وڃي تڏهن به اُتي ايتري ته اُونداهي آهي جو ڪجھ به نظر نٿو اچي سگھي. جيڪڏهن ڌرتي تي موجود سمورو تيل ۽ قدرتي گئس کي ملايو وڃي ته به اُنهن جي حيثيت ٽائيٽن تي موجود خزانن جي اڳيان ڪجھ به نه آهي.