فيروز فقير ويراڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(Scale down کان چوريل)

جڏھن ميان نصير محمد کي، ميرزا خان پنيءَ دوکي سان گرفتار ڪرائي ھندوستان وٺي ويو، تڏھن به سنڌ ۾ مغلن جي خلاف فقير جي آزاديءَ جي جنگ جھَڪي ڪانه ٿي ۽ اِنھيءَ جنگ کي جاري رکندڙ فقيرن مان، فيروز فقير ويراڙ سرِ فھرست آھي.[1][2]

ھڪ دفعي فيروز فقير جي قيادت ۾ فقيرن بکر جي گورنر مير يعقوب کي وڏي هار ڏني. اُن کان پوءِ به فقير ننڍين ننڍين جنگين ۾ مغلن جي حامين کي شڪستون ڏيندا رھيا. پوري ساھتي پرڳڻي تي فيروز فقير ۽ فريد فقير جي ڪوشش سان قبضو ٿيو. انھيءَ پرڳڻي ۾ فيروز فقير ھڪ نئين شھر جو بُنياد وڌو، جنھن کي اڄ ”نوشھرو فيروز“ چيو وڃي ٿو.

اڳتي ھلي ميان دين محمد جي دؤر ۾ سنڌين جي نا اتفاقي، وري ميرزا پنئي کي فقيرن تي حملي ڪرڻ لاءِ گِھلي آئي، پر اُن جي دال نه ڳري ۽ فيروز فقير جي اڳواڻيءَ ۾ فقيرن کيس هار ڏني. انھيءَ شڪست جو ٻُڌي، مغليه درٻار مان مغلن جو ناميارو سردار امير شيخ جھان، فقيرن کي ناس ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو. انھيءَ شخص ايندي شرط فقيرن تي حملو ڪيو.

فقيرن طرفان اُتي ڏيري جي قلعي مان ٻاھر نڪري، فيروز فقير جي اڳواڻيءَ ۾ ڳيريلي ۾ مغل لشڪر تي ڇاپو ھنيو، جنھن مغلن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. ھوڏانھن ميان دين محمد فيروز فقير جي مدد لاءِ ٻيو لشڪر موڪليو. ٻنھي لشڪرن گڏجي فيروز فقير جي اڳواڻيءَ ۾ مغل فوج تي حملو ڪيو، جنھن ۾ مغل سردار مارجي ويو ۽ بکر جي حاڪم ڀڄي جان بچائي.

حوالا[سنواريو]

  1. "ڏنگر فقير ننگر فقير : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-10-08. 
  2. "ڏنگر فقير : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-10-08.