پوڊڪاسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(Podcast کان چوريل)

پوڊڪاسٽ (انگريزي: podcast) ڊجيٽل ذريعو ابلاغ آهي، جنهن تحت ڊجيٽل آڊيو، ڊجيٽل ريڊيو، پي ڊي ايف يا اي پب فائلون ويب سنڊيڪيشن يا آن لائن ذريعن کان واپرائيندڙ (يوزر) جي ڪمپيوٽر يا موبائل اوزارن تي سلسلي وار نشر يا ورهايو ويندو آهي۔

ناءٌ[سنواريو]

لفظ پوڊڪاسٽ هڪ نئون بڻايو ويل ٻولُ (لفظ) آهي جيڪو ’’براڊڪاسٽ‘‘ (يعني نشريات) ۽ ’’پوڊ‘‘ جو مُرَڪِبُ آهي؛ جنهن کي ’’آءِ پوڊ‘‘ مان اُخذ ڪيو ويو آهي، ڇو ته صوتي پوڊڪاسٽ عام طور پورٽ ايبل ميڊيا پليئرز تي ٻُڌا ويندا آهن.

مريم ويبسٽر (ويب ٿيزارس ۽ لُغت) جي مُطابق پوڊڪاسٽ: هڪ پروگرام آهي جيڪو ڊجيٽل بناوٽ۾ انٽرنيٽ تي پاڻَمُرَادو (خُودڪار) لاهڻ (ڊائونلوڊ) لاءِ دست ياب بڻائي ٿو.

استعمال[سنواريو]

پوڊڪاسٽ آڊيو يا وڊيو کي ڏسڻ ٻڌڻ جو جديد طريقو آهي. پوڊڪاسٽ ايپليڪيشن (يا ipod) ڏنل ويب پتي تان گھڻ ذريعاتي multimedia فائيل اتاري يُوزر لاءِ هلائيندو آهي. وري جڏهن ان ويب پتي تي ڪو نئون فائيل ايندو آهي ته پوڊڪاسٽ ان ميڊيا يا فائيل کي اتاري ڇڏيندو آهي. اهو ڪنهن ريڊيي يا ٽي وي جو نئون روپ آهي جنهن ۾ يُوزر کي پنهنجي من پسند ويبسائيٽ تي وڃڻ جي ضرورت نه پوندي آهي ۽ ان ويبسائٽ جو نئون مواد پاڻ مرادو پوڊڪاسٽ ايپليڪيشن تي اچي ويندو آهي. ڪنهن مخصوص سلسلي جي متعلق سَڀِ آڊيو يا وڊيو فائلن جي فهرست مَرڪَزي طور تي وِرڇَ ڪندڙ جي سرور تي بہَ طور ويب فيڊ مرتب ڪئي ويندي آهي ۽ ٻُڌندڙن (سامعين ) يا ڏسندَڙن (ناظرين) جو خصوصي ڪلائنٽ ايپلي ڪيشن سافٽ ويئر، معروف پوڊ ڪيچر، اُن ويب فيڊ تائين رَسائيِ حاصل ڪندو آهي، تازيون فائلون ڳولهيندو آهي ۽ تازين فائلن جي موجودگي جي صورت ۾ اُنهن کي لاهيندو (ڊائون لوڊ) ڪري ڏيندو آهي. هي عمل پاڻَمُرادو (خودڪار) ٿي سگهي ٿو، تَنهنڪري هر نئي فائل پاڻمُرادو طريقي سان واپرائيندڙ (يوزر) جي اوزار تي ڊائونلوڊ ٿي ويندي آهي. ڊائون لوڊ ٿيڻ واري فائل مقامي طور واپرائيندڙ جي ڳڻپِيوڪَر (ڪمپيوٽر) يا ڪنهن ٻِئي اوزار ۾ محفوظ ٿي ويندي آهي جنهن تائين رسائي آف لائن رهندي پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.

حوالا[سنواريو]