چيٽي چنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(Cheti Chand Tyohaar کان چوريل)
جھُولي لعل

سنڌي سماج ۾ چيٽِي چَنڊُ اشتديو اُڏيرو لعل جو جنم ڏينهن ملهائڻ لاءِ هِڪُ اُتسَو ڏڻ آهي[1]. هِنَ ڏينهن پاڻيءَ کي پُوڄيو ويندو آهي.

جهولي لال جي ڪهاڻي[سنواريو]


جھُولي لعل جِي ڪهاڻِي هِنَ پرڪار آهي:
مِيرڪ شاهه سنڌ جو هڪ راجا هو. هُو سنڌين تي ڏاڍو ظلم ڪندو هو. سندس ظلمن کان پِريشان ٿِي سِنڌين 40 ڏينهن جو ورت (روزو) رکيو، انهن 40 ڏينهن ۾ نه ته ڪُجھه کائيندا نه ئي پيئندا نه ئي ڪَپڙا مَٽائِيندا آهن، اِنَ کي چالِيهو صاحب چوندا آهن. 40 ڏينهن ۽ راتين جي تپسيا سنڌو ندي جي ڪناري ڪئي وئي ۽ پوءِ ورون ديوتا پراسن ٿيو. جھُولي لعل جو جنم نصرپور (حيدرآباد کان 30 ڪلوميٽر پري - سنڌ) جي رَتَن چند انهي ديويڪا جي گھر ۾ جنم ٿيو. هِڪُ پنجابِي جوتشِي هُنَ ٻارَ جو نالو اُڏيرو لعل رکيو. اُڏير جو مطلب سنسڪرت ۾ "جيڪو پاڻيءَ مان نڪتو هُجي. پنهنجو پاڻ اُڏيرو لعل جو جھُولو لُڏَڻ لڳو. اُنَ کان پوءِ اُڏيرو جو نالو جھُولي لعل پئجِي ويو. مِيرڪشاهه ڏاڍو ئي اُتيجت ٿِي ويو ۽ هُنَ اعلان ڪيُو ته اُڏيرو لعل کي پَڪڙيو وڃِي. جِيئن ئي اُڏيرو لعل کي پڪڙڻ لاءِ سِپاهِي درٻار کان ٻاهِر نِڪتا ته تيز پاڻيءَ جِي ڌارا محل ۾ داخل ٿي وئِي ۽ محل ٻڏڻ لڳو. ميرڪشاهه کي پنهنجي غلطيءَ جو احساسُ ٿيو. هُنَ اُڏيري لعل کان معافِي ورتِي ۽ اُنَ کان پوءِ سڀ شانت ٿِي ويو.

چيٽِي چَنڊ تِي Akhoo ( چانوَرَن ۽ کنڊ جو پرساد ) ٺاهيو ويندو آهي. لعل سائين جو پنجڙا، پَلَو پَيُون vandhee آهي ۽ سنڌي ناچ (ڊانس) ڇيج Chhej ڪبو آهي.

پوني ۾ چيٽي چند جو جشن

سنڌو ڪئلينڊر مطابق چيٽ مهيني جو پهريون ڏينهن، جنهن تي سنڌ جا هندو هند سنڌ ۾ قومي ڏينهن طور خاص پروگرام رچائيندا آهن.[2]

چيٽِي چَنڊَ جو ميلو[سنواريو]

ڇنڇر، اپريل 2، چيٽِي چَنڊَ جو ميلو 2022 (راجستان)

حوالا[سنواريو]

  1. "چيٽي چنڊ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي