ڳُجهي سفارتي لکپڙهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سفارتي وچور (Sifaaratee wichoor)، ڳُجهي سفارتي لکپڙهه، ڳوٿري يا بئگ (Bag) برطانيا طرفان سفارتي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اصطلاح آهي، جيڪو ڪنهن به سفارتخاني طرفان حاصل ڪيل معلومات ۽ تفصيلن کي سنواري سڌاري رپورٽن جي صورت ۾ مُلڪي اختيارين کي موڪليو ويندو آهي. سفارتي عملدار ان لک پڙهه کي دستاويزن، خبرن ۽ ٻئي مواد جي شڪل ۾ موجود ٿهي، سان گڏ پنهنجا تبصرا ۽ واڌو رايا لکي، پنهنجي سرڪارن کي ڪاغذي ٿهي يا بنڊل يابئگ جي صورت ۾ مهربند ڪري موڪليندا آهن، جنهن کي رڳو لاڳاپيل مُلڪي آفيس جو عملدار ئي کولي سگهندو آهي ۽ ٻي ڪنهن مقامي يا غير مقامي سرڪار کي انهيءَ ڪاغذي يا دستاويزي ٿيلهي (Bag) کي ڦلهورڻ جي اجازت نه هوندي آهي. اهڙيءَ طرح جنهن خاص ڏينهن تي اهو ”ڳوٿرو“ مُهر بند ڪري ڏيهي حڪومت کي موڪليو ويندو آهي. سفارتي ٻوليءَ ۾ ان ڏهاڙي کي “Bag Day” سڏيو ويندو آهي. ان ڏهاڙي تي هر قسم جو مواد فائينل ڪري سفارتڪار آڏو پيش ڪيو ويندو آهي، جيڪو ان کي پنهنجي ملڪي حڪومت ڏانهن اماڻيندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد