ڪيوڪس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪيوڪس
ترقي ڌنڌو عمانويل اينجل هارٽ
مستحڪم اشاعت 0.9
آپريٽنگ سسٽم لينڪس، ونڊوز، ميڪ
حجم 21 MB + ZIM file
دستياب در 80+ ٻوليون
اجازو GPLv3
ويب سائيٽ ڪيوڪس ڊاٽ آرگ
ڪيوڪس ولفٻ (OLPC) تي

ڪيوڪس انگريزي ٻولي: kiwix هڪ مفت & آزاد مصدر سافٽويئر آهي جيڪو انٽرنيٽ تي موجود مواد کي پڙهڻ ۽ بلخصوص وڪيپيڊيا جي ورق گرداني جي لاءِ بڻایو ويو آهي۔ هِن جي خصوصيت هيءَ آهي ته هِن جي ذریعي پڙهڻ جي لاءِ انٽرنيٽ سان مربوط ٿيڻ ضروري ناهي، يعني آف لائن مطالعو ڪري سگهجي ٿو۔ وڌيڪ هن پروگرام ۾ڪنهن قسم جي پيچيدا ترتيبون ۽ کاتي سازي (اڪائونٽ) جي به ضرورت ناهي۔ صرف جنهن وڪيپيڊيا کي پڙهڻ چاهيو ان جو نسخو ڊائونلوڊ ڪريو ۽ بغير انٽرنيٽ رابطي جي پڙهڻ شروع ڪريو۔

ڊائونلوڊ[سنواريو]

هن سافٽويئر جي ڊائونلوڊ جو مڪمل طريقو هِن صفحي آرڪائيو ڪيا ويا 2015-11-04 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. تي موجود آهي ۽ اِتي کان ئي ڊائونلوڊ به ڪري سگهجي ٿو۔
في الوقت سنڌي وڪيپيڊيا جو مقدار 935 ايم بي آهي، جڏهن ته انگريزي وڪيپيڊيا (بلاتصوير) جو مقدر (حجم) 18 جي بي آهي۔

خصوصيتون[سنواريو]

ڪيوڪس ويب مواد لاءِ هڪ آف لائن ريڊر آهي. اهو سافٽويئر آهي جنهن جو مقصد وڪيپيڊيا جي انٽرنيت جي دستيابي آهي, پر اهاامڪاني طور تمام ايڇ ٽي ايم ايل مواد لاءِ مناسب آهي. ڪيوڪس ZIM format, حمايت ڪري ٿي، جيڪو تمام اعليٰ دٻيل کُليل نمونو اضافي ميٽا-ڊيٽا.

  1. بغير انٽرنيٽ رابطي جي تلاش جي سهولت دستياب آهي۔
  2. ڪمپيوٽر جي اڪثر اشتغالي نظام ونڊوز، لينڪس، ميڪ وغيرہ تي بخوبي ڪم ڪري ٿو۔
  3. بطور پي ڊي ايف (PDF) مضمون محفوظ ڪري سگهجن ٿا۔

خطا يا اضافو[سنواريو]

سافٽويئر ۾ ڪنهن قسم جي خطا يا ڪنهن سهولت جي اضافي جي لاءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ هِتي[مئل ڳنڍڻو] درخواست ڏئي سگهجي ٿي۔

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]