ڪيوبا ميزائيل گهوٽالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪيوبائي ميزائيل گهوٽالو يا ڪيوبن ميسل ڪرسز (Cuban Missile Crisis) اصل ۾ انقلابي اڳواڻ فيڊيل ڪاسترو پاران 1 جنوري 1959ع تي ڪيوبا جي حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کانپوءِ، سوويت يونين سان سندس حد کان وڌيڪ ويجهڙائپ ۽ ڪيوبا ۾ آمريڪي ڪمپنين کي قوميائڻ وارن قدمن جي ڪري، آمريڪا ڪاسترو کي ڪيوبا جي صاحبي ڪرڻ تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. سيپٽمبر 1962ع ۾ آمريڪي جاسوسي ادارن کي پتو پيو ته ڪجهه سوويت يونين جا ائٽمي ميزائيل ڪيوبا ۾ رکيا پيا وڃن. سو جڏهن ڪي سوويت جهاز وچولي درجي جا ائٽمي ميزائيل کڻي ڪيوبا جي سمنڊ جي ڪپر تي پهتا ته آمريڪي بحري ٻيِڙي انهن جي ناڪابندي ڪري ڇڏي. هيءُ واقعو 24 آڪٽوبر 1962ع تي پيش آيو. هن گهوٽالي جي ڪري سوويت يونين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ايترا ته خراب ٿي ويا، جو ٽين عالمي جنگ لڳڻ جو خطرو پئدا ٿي پيو هو ۽ تڏهوڪي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي اهڙي جنگ جون ڌمڪيون به ڏنيون هيون. معاملي جي سنگينيءَ کي پرکيندي سوويت يونين جي تڏهوڪي سربراهه خرو شچيف (Nikita Khrushchev) اهي ميزائيل واپس سوويت يونين گهُرائي ورتا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد