ڪارل سيگن

Wikipedia طرفان
Jump to: navigation, ڳولا
Carl Sagan Planetary Society.JPG

ڪارل ايڊوَرڊ سيگن (انگريزيءَ ۾ Carl Edward Sagan) (نومبر 9، 1934عڊسمبر 20، 1996ع) هڪ آمريڪي نجمياتدان Astronomer ، نجمجياڀياسدان Astrobiologist هو، ۽ تمام ڪامياب سائنس مقبولڪار هو. هُو نجمجياڀياس جو باني هو ۽ هن غير زميني ذهانت (غزذ) جي ڳولا کي هٿي وٺائي. کيس سائنس مقبوليندڙ ڪتاب لکڻ ۽ اوارڊ يافته ٽي وي سلسلو ڪاسماس سَهلکڻ ۽ پيش ڪرڻ باعث عالمگير شهرت حاصل ٿِي. ڪاسماس نالي اهو ٽي وي سلسلو گھڻي ۾ گھڻو ڏسجندڙ ٽي وي سلسلو آهي.
هن ڪانٽينڪٽ (رابطو) نالي هڪ ناول لکيو، جنهن تان 1997ع ڌاري ساڳي نالي سان فلم ٺاهي وئي، جنهن ۾ جوڊي فاسٽر اداڪاري ڪئي. سيگن ڪل 400 کان مٿي مقبول سائنسي مضمون تحرير ڪيا. پنهنجي تحريرن ۾ هن اڪثر skepticism، humanism ۽ سائنسي طريقيڪار جي پٺڀرائي ڪئي.

nasa.gov، [1], [2] ۽ [3]</ref> مطابق تائين 1990's The Civil War.


تعليم ۽ سائنسي ڪريئر[سنواريو]

عڪس:Sagan of Cornell.jpg
ڪارنيل يونيورسٽيءَ جي نجميات شعبي وارو سيگن، 1969ع

ڪارل سيگن برُوڪلن نيُو يارڪ ۾ ڄائو.[1] سندس والدين يهودي هئا؛ سندس پيءُ سام سيگن روس کان لڏي آيل ڪوري هو ۽ سندس ماءُ راچيل مولي گرُوبر هڪ گھرو عورت هئي. ڪارل تي اهو نالو سندس نانيءَ جي مان ۾ رکيو ويو.

سيگن جامعه شڪاگو مان طبعيات ۾ 1955ع ڌاري بيچلرس سند ۽ 1956ع ڌاري ماسٽرس سند حاصل ڪئي. تنهن کان پوءِ 1960ع ڌاري هن ساڳي يونيورسٽيءَ مان نجميات ۽ نجم طبعيات ۾ ڊاڪٽريٽ پڻ ڪئي. 1962ع کان 1968ع تائين هن سمٿسونيئن نجم طبعياتي مشاهديگاهه ۾ ڪم ڪيو.

عڪس:YoungSagan60s.jpg
سيگن 1977ع ۾ بحيثيت نشستمان ووياجر گولڊن رڪارڊ ڪاميٽي

1968ع ڌاري ڪارنيل يونيورسٽي وڃڻ کان اڳ تائين، سيگن هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پاڙهيندو هو. 1971ع ۾ هُو ڪارنيل يونيورسٽيءَ جو فُل پروفيسر ٿي ويو، جتي هُو گرهياتِي سائنس جي تجربيگاهه جو ڊائيريڪٽر هو. 1972ع کان 1981ع تائين هُو ڪارنيل جي ڪرڻياتِي طبعيات ۽ خلائي تحقيقي مرڪز جو ايسوسيئيٽ ڊائيريڪٽر رهيو.

آمريڪي خلائي پروگرام جي ابتدا کان ئي سيگن ان سان سلهاڙيل رهيو ۽ صلاحڪار طور ڪم ڪندو رهيو. شمسي سرشتي جي کوجنا لاءِ اماڻيل اڪثر اڻبشريل مهمُن ۾ سيگن جي ڀاڱيداري شامل هئي. اها راءِ پڻ سيگن جي هئي ته شمسي سرشتي کان ٻاهر ويندڙ سمورين خلائي رَٿُن ۾ هڪ اڻ بدلائتو نياپو رکيو وڃي، جيڪو ڪا به غير زميني ذهانت سمجھي سگھي.

ڪارنيل يونيورسٽيءَ ۾ سيگن تجزياتي سوچ تي هڪ مضمون پڙهائيندو هو، جيڪو هُو وفات تائين پڙهائيندو رهيو. جيتوڻيڪ ان مضمون ۾ سوين شاگرد داخلا جي درخواست ڏيندا هئا، سيگن صرف ويهارو کن شاگردن کي ئي مضمون ۾ داخلا لاءِ چونڊيندو هو. سيگن سوين درخواستگذارن جا لکيل مضمون پڙهي سندن چونڊ ڪندو هو. سنس وفات کان پوءِ ان مضمون جو ڪورس بند ڪري ڇڏيو ويو.

سائنسي ڪاميابيون[سنواريو]

عڪس:Sagan telescope1.jpg
Cosmos مان ورتل ھڪ تصوير

وينس جي شديد مٿاڇراتي گرمي پد Surface Temperature جي دريافت ۾ سيگن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. 1960ع واري ڏهاڪي جي ابتدا ۾ ڪنهن کي به وينس جي متاڇري متعلق پڪي ڄاڻ ڪا نه هئي، جڏهن ته سيگن وينس جي امڪاني صورتحال جو نقشو هڪ رپورٽ ۾ چٽيو (جيڪو بعد ۾ مشهوريءَ خاطر هڪ ڪتاب پلينيٽس ۾ ڇپايو ويو) -- سندس خيال هو ته اهو گرهه انتهائي خشڪ ۽ گرم آهي، جيڪو ٻين جي خيالن جي بلڪل ابتڙ هو، جيڪي وينس کي بهشت مثل ڀانئيندا هئا.

هن وينس مان نڪرندڙ ڪرڻڪ اخراج Radio Emissions تي تحقيق ڪئي ۽ اهو نتيجو اخذ ڪيو ته ان جو مٿاڇراتي گرمي پد 900 فارهانائيٽ يعني 500 درجا سينٽيگريڊ آهي.

ناسا جي جيٽ ڌوڪ تجربيگاهه جي مهمان سائنسدان جي حيثيت سان هن Mariner مهمجوئيُن ۾ ڀاڱيداري نڀائي. 1962ع ۾ ميرِنَر 2 جي کوجنائن وينس جي حالتن بابت سيگن جي رايَن جي تصديق ڪئي. سيگن انهن پهري ماڻهن مان هو جن ڇنڇر جي چنڊ ٽائٽن جي مٿاڇري تي پٽڙن مرڪبن جا سمنڊَ موجود هجڻ جو خيال پيش ڪيو. هُو انهن پهرين ماڻهن مان به هو جن جُوپيٽر جي چنڊ يُوروپا تي پاڻيءَ جي زير زمين سمنڊ موجود هجڻ جو انومان لڳايو. ان انومان يُوروپا تي حياتيءَ جي موجودگيءَ جا امڪان وڌائي ڇڏيا

  1. For biographical information see Carl Sagan: A Life in the Cosmos by William Poundstone. Henry Holt & Company (October 1 1999) ISBN 0-8050-5766-8