کيرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
کيرو

ول ۾ اڀرندڙ کيرو


کيرا: ونگا: بادرنگ: اوڀڙ: ريڀڙ:ڪيوڪمبر: cucumber:


هڪ قسم جو -اوڀڙ-، -جامع سنڌي لغات- ۾ هن کي ”ريڀڙ“ لکيو ويو آهي. ”-بادرنگ-“ فارسي ٻوليءَ جو نالو آهي. هي گدري جي نموني تي بيضوي ٿيندو آهي. حڪيم هن کي مثاني، جگر ۽ ٻين بيمارين جي علاج ۾ استعمال ڪندا آهن.[1] کيرو هڪ فائديمند سبزي آهي ۔ هن ٻوٽي جي خاندان جو حياتياتي نالو Cucumis sativus آهي۔ کيري جا ڪافي قسم آهن ۔ عام طور تي هن جو رنگ سائو ٿيندو آهي. هن جو اباڻو وطن هندستان آهي۔ ونگا گول يا آني وانگي ٿيندا آهن ۽ باد رنگ تورين وانگي ڊگها ٿيندا آهن. بادرنگ کي هندستانيءَ ۾ ڪاڪڙي به چوندا آهن.

ايران جي شھر اصفهان جو کيرو

کيرا يا باد رنگ تورين وانگي ڊگها ٿيندا آهن. بادرنگ کي هندستانيءَ ۾ ڪاڪڙي به چوندا آهن. هي اڪثر ڇِلي ڪچا کائڻ ۾ ايندا آهن، يعني لوڻ لائڻ سان. بعضي انهن کي رڌيندا به آهن. هنن جا به گهڻا قسم آهن. ولايتي ٻج وارا چڱا ٿيندا آهن. پڪي کان پوءِ ڪاڪڙيءَ جو رنگ ڳاڙهيرڙو ٿي پوندو آهي. هنن جي به گدري ۽ ڪدوءَ جهڙي ول ٿيندي آهي. هي آڪٽوبر ۾ يا اڳڀرو پوکبا آهن. ڪٿي ته مارچ ۾ پوکيندا آهن. ٻن مهينن ۾ ڦر نڪرندو آهي. ٻين ولين وانگي چرين ۾ پوکبا آهن. هنن کي اڪثر ڪينئون لڳندو آهي پر جي پٽ تي پکيڙڻ جي بدران ڪنهن مَنهَه يا پڃري تي چڙهڻ ڏين ته پچي ويندا.ونگي ۽ بادرنگ کي انگريزيءَ ۾ ڪُڪَمبر چون ٿا.[2]

ونگي يا کيري جا ڳترا

حوالا[سنواريو]

  1. بادرنگ : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو

سانچو:سلاد