ڦڦڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦڦڙ انساني جسم ۾ هڪ عضوو آهي جنهن جي مدد سان انسان ساھ کڻدو آهي ۽ جسم کي آڪسيجن پهچندي آهي. انسان جي سيني ۾ ٻہ ڦڦڙ ٿيندا آهن.

انساني ڦڦڙ جو خاڪو

ڦڦڙ انساني جسم جو هڪ عضوو آهي جنھن جي مدد سان انسان ساھ کڻدو آهي ۽ جسم کي آڪسيجن پهچندي آهي انسان جي سيني ۾ ٻہ ڦڦڙ ٿيندا آهن.

انسان ۾ ساھ کڻڻ جو عمل ڦڦڙن ۽ ان سان ڳنڍيل نالين تي مشتمل هوندو آهي جنهن سان هوا نڪ وسيلي جسم ۾ اندر داخل ٿيندي آهي. ڦڦڙ جسم ۾ سيني جي اندر ٿين ٿا. ساھ کڻڻ وقت هوا ڦڦڙن ۾ اندر داخل ٿيڻ کي ساهہ کڻڻ ۽ جسم کان ٻاهر نڪرڻ کي ساھ ڪڍڻ چئبو آهي. هوا جڏهن نڪ مان گذرندي آهي تہ اها گرم ۽ گهميل ٿي ويندي آهي نڪ جي اندرئين حصي ۾ اهڙا گهرڙا هوندا آهن، جيڪي مِيُوڪس (Mucous) نيڪال ڪندا آهن، جنهن سان نڪ جو اندريون حصو آلو رهي ٿو ۽ ان آلاڻ جي ڪري ٻاهرين مٽي يا جيوڙا اٽڪي پوندا آهن ۽ صاف هوا ڦڦڙن ڏانهن رواني ٿيندي آهي. ان ئي ڪري طِبي ماهر (ڊاڪٽر) اسان کي نڪ مان ساھ کڻڻ جي صلاح ڏيندا آھن.


اسانجي زندگي جون مختلف عادتون جيئن سگريٽ نوشي گھڻي چرٻاڻ واريون غذائون ۽ ٻيون شيون شامل آهن

ڇا اوهان کي ان ڳالھ جو علم آهي تہ ڦڦڙن جا مختلف مرض ۽ علامتن جي باري ۾ اوهانکي خبر آهي

ڇا خالي کھنگ ئي انجي نشاني هجي ٿي يا ٻيون بہ نشانيون هجن ٿيون جيڪي ڦڦڙن جي مرض ڏا اشارو ڪنديون آهن جن جو گھڻو ڪري ماڻھن کي علم نٿو هجي

هتي اسان اوهانکي انھن علامتن بابت ڄاڻ ڏينداسين.

هڪ ڄنگھ ۾ سوڄ ۽ سور :-

اوھان ڇايد سوچيندا هوندا انجو ڦڦڙن سان ڪھڙو واسطو پر هي بہ هڪ علامت ٿي سگھجي ٿي جيڪا ڄنگھ جي هڪ رڳ ۾ رت جي ڄمڻ يا گوشت ٺھڻ هوندي آهي هڪ آمريڪي تحقيق موجب ڄنگھ ۾ رت جو اثر ڦڦڙن تائين وڃي سگھجي ٿو ۽ ان مسئلي کي pulmonary embolism چئبو آهي ڦڦڙن ۾ رت جي وهڪري دوارن رت کي بند ڪري گھڻو نقصان پهچائي سگهي ٿو ۽ ائين ٿيڻ ڪارڻ مريضن کي موت بہ اچي ويندو آهي.

مونجھ ۽ ساهہ جي تڪليف ٿيڻ :-

جيڪڏهن اوهانجي ڦڦڙن ۾ ڪوبہ مسئلو آهي تہ موسمي زڪام يا فلو اوهانکي گھڻو متاثر ڪري سگھي ٿو هڪ تحقيق موجب جيڪڏهن ڦڦڙن جي ڪنھن بہ مرض جو عارضو هجي تہ موسمي بيمارين جو امڪان وڌي ويندو آهي ۽ انجي نتيجي ۾ ڦڦڙن جو فعال متاثر ٿيندا آهن جيڪي موسمي بيماري کي نمونيا ۾ بدلجڻ جو خطرو وڌائي ٿو عام طور تي ڦڦڙن ۾ ڪوبہ مسئلو هجي ۽ زڪام لاحق ٿي وڃي تہ دمي جي مرض جيان ساهہ کڻڻ ۾ ڏکائي کي منھن ڏيڻو پئجي سگھجي ٿو ان صورت ۾ ڊاڪٽر ڏا رجوع ڪيو وڃي.

ڏاڪڻ جڙهڻ وقت لاوائڻ ۽ پوئتي واپس وڃڻ :-

جيڪڏھن اوهانکي اهيو احساس هجي تہ عام سرگرمين ۾ بہ ساهہ کڻڻ ۾ بہ مشڪلات ٿئي ٿي ۽ ڪافي عرصي کان کنگھ ۾ شڪايت هجي موسمي مرض کان هٽي ڪري يا ساھ منجھندو هجي تہ ڊاڪٽر کان ڦڦڙن جو ٽيسٽ ڪرائجي ان حوالي سان طبي ماهرن جو چوڻ آهي تہ گھڻن ماڻھن کي انجو احساس ئي ناهي ٿيندو تہ اهوئي ڦڦڙن جي مرض جو شڪار آهن گھڻو ڪري انجو عورتون شڪار ٿين ٿيون، گھڻن ماڻھن کي ائين لڳندو آهي تہ عمر وڌڻ ڪارڻ ساهہ کڻڻ ۾ مشڪلات ٿيندي آهي پر عمر وڌڻ سان بہ عام طور تہ هي مسئلو ڪنھن مرض جي بغير لاحق ناهي ٿيندو.

ساهہ ۾ کونگهرا هڻڻ :-

طبي ماهرن موجب جيڪڏهن ماڻھن کي هي احساس ٿي تہ اهوئي گهرو ساهہ نٿا کڻي سگھن تہ انھن کي ڊاڪٽر ڏا رجوع ڪرڻ گھرجي تہ جيئن ڪنھن بہ مرض جيئن ڦڦڙن جي مرض جن ۾ ڦڦڙن ۾ هوا گذرڻ جو رستو بند يا رڪاوٽ جو سبب بڻجڻ يا رت جي گهٽتائي يا اينميا جي نشاندهي هڪ عام رت جي ٽيسٽ سان ٿي سگھي ساهہ کڻڻ وقت کونگهرن جي هڪ وجہ نوجوان کي الرجي سان ٿيڻ وارو دمو بہ ٿي سگھجي ٿو جيڪو ننڊڙي لاءِ ۾ لاحق ٿيندڙ دمي کان بہ وڌيڪ خطرناڪ هجي ٿو.

ڪا بہ علامت نہ هجڻ :-

ڦڦڙن جو ڪينسر اهڙو مرض آهي جنھن جي باري ۾ اوهان ٻڌڻ پسند نہ ڪندا هوندا جيڪو خطرناڪ مرض آهي شروعاتي مرحلي ۾ هي سرطان گھڻو ڪري ڪنھن بہ طرح جي علامت جي بغير شڪار ڪندو آهي طبي ماهرن موجب اوهان گھڻو ڪري شروعات مرحلي ۾ ڦڦڙن جي سرطان کي حادثاتي طور تي ئي ڳولها ڪندا آهيو ۽ اهو بہ ان صورت ۾ جڏهن مرض ڪنھن وجہ سان ڇاتي سيني يا پٺيان واري هڏي جو ايڪسري ڪرائيو ۽ ڪنھن ٻئي مرض جي بجائي ڪينسر پکڙجي وڃي ان ڪينسر جون ٻيون علامتن ۾ چيلھ جو سور، مٿي جو سور، ٿڪاوٽ جيڪا عام طور مرض جسم جي ڪنھن ٻئي حصي ۾ ڦهلجي وڃڻ تي سامھون ايندڙ نشاهي آهي جيڪڏھن اوھانجي عمر 55 سال کان مٿي آهي ۽ سگريٽ نوشي ڪندي ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو هجي تہ اوھان کي ان حوالي سان ڊاڪٽر جي مشھوري سان سي ٽي اسڪين ڪرائڻ گھرجي.

کنگھ ۾ رت اچڻ :-

هي هڪ خطري جي نشاني آهي جيڪا اوهانکي ڊاڪٽر ڏا وٺي وڃي سگھجي ٿي هي ڦڦڙن جي ڪينسر جي بہ علامت ٿي سگھجي ٿي ٽي بي TB جي بہ جڏهن تہ ٻين مرضن ڏا بہ اشارو ٿي سگھجي ٿو جنھن جي سڃاڻپ طبي معائني سان ئي ممڪن آهي تہ هي اهڙي علامت آهي جنھن کي ڪنھن بہ صورت نظرانداز نہ ڪرڻ گھرجي ۽ فوري طور ڊاڪٽر ڏا رجوع ڪرڻ گھرجي.

ڦڦڙن کي صحت مند ڪيئن رکجي :-

ساهہ کان اهم شي تہ هي آهي تہ ڦڦڙن کي صحت مند رکڻ جي لاءِ سگريٽ نوشي جو استعمال ختم ڪجي ماڻھن کي اهيو سمجھڻ جي ضرورت آهي تہ ڦڦڙ آڪسيجن کي فلٽر ڪري انکي جسم جي مختلف حصن تائين پھچائي ٿو ۽ جسم جي اندر صحت جي لاءِ نقصانڪار ڪچري کي صاف ڪندا آهن ۽ اوهان انھن جي فلٽرز کي بند ڪرڻ پسند نہ ڪندا ڇوجو اوهان وٽ انجو هڪ ئي جوڙو آهي ان عضوو جو خيال رکجي.

علامت :-

بيماري جي ڪارڻ ڦڦڙن کي بند ڪرڻ واري جھلي جي سوزش آهي جراثيم ان جھلي کي متاثر ڪندا آهن ۽ ان ۾

ٽٽڻ ڦٽڻ لڳندا آهن يا بخار ۽ ڪينسر ۾ انھن منجھان مادو نڪرندو آهي هي مادو ايترو وڏو ٿي ويندو آهي تہ ڇاتي جي اندرون ان مان ڀرجي ويندي آهي جيڪڏھن پاسي جي هڪ طرف هجي تہ متاثر سمعت ۾ گھڻو سور ٿيندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي تہ اندر کان ڪو ڪنھن شي سان ڪٽي ۽ چري رهيو آهي ڇاتي جي اندر شين جي ٽٽڻ جو احساس ٿيندو آهي هي سور زور سان ساهہ کڻڻ، کنگھ ۽ سمھڻ وقت پاسو بدلڻ سان بہ شدت محسوس ٿيندي آهي

شروعاتي مرحلي ۾ ٿڌ لڳندي آهي ۽ پوءِ بخار ٿي ويندو آهي.