ڦِيٿَ ڪهڪشان

Wikipedia طرفان

سنڌي اصطلاح انگريزي اصطلاح
جھرمٽ
سنگتراش
عمودي چاڙهه
افقي لاٿَ
سُرخ سيرَ
ظاهري جسامت
ظاهري پد
نوري سال
ڇلائون ڊول
گھُٻيل
ٻِه گھٻيل
کيرائين واٽ
ڏورويک
منهن ڀر
constellation
sculptor
right ascension
declination
red-shift
apparent size
apparent magnitude
light-year
ring shape
convex
bi-convex (lenticular)
milkyway
telesccope
head-on
v  d  e
ڦِيٿَ ڪهڪشان

ڦِيٿَ ڪهڪشان، نقلي رنگن ۾ ڏسجندي.
مشاهداتي اعداد (J2000 epoch)
جھرمٽ سنگتراش
عمودي چاڙهه 00ڪ 37م 41.1س[1]
اُفقي لاٿَ -33° 42′ 59″[1]
سُرخ سيرَ 9050 ± 3 ڪلوميٽر/سيڪنڊ[1]
فاصلو 50 ڪروڙ نوري سال[2]
قسم S pec (ڇلو)[1]
ظاهري جسامت (V) 1′.1 × 0′.9[1]
ظاهري پد (V) 15.2[1]
قابل ذڪر خصوصيات ڇلائون ڊول
ٻي سڃاڻپ
MCG-06-02-022a,[1] PGC 2248[1]

ڦِيٿَ ڪهڪشان (جنهن کي ESO 350-40 طور پڻ سڃاتو ويندو آهي) اسان کان 50 ڪروڙ نوري سال پرتي سنگتراش نالي جھرمٽ ۾ هڪ ٻِه-گھُٻِيَلَ ڪهڪشان آهي. اها اٽڪل هڪ لک 50 هزار نوري سال ويڪري آهي.

هڪ ويجھڙي ڪهڪشان سان منهن ڀر ٽڪرائجڻ کان اڳ اها به کيرائين واٽ وانگي هڪ عام ڪهڪشان هئي. جڏهن ڦيٿَ ڪهڪشان مان ويجھڙي ڪهڪشان پار گذري، تڏهن ٽڪراءُ باعث منجھانئس هڪ جھنجھوڙي ڇڏيندڙ طاقتور لهر ڊوڙي وئي، جيئن ڪنهن پهڻ کي چيڀاٽي مٽيءَ جو ڍير ڪري ڇڏجي.

ڪهڪشان جي مرڪزي حصي جي چوگرد تيز رفتار سان هلندي، ڌماڪي جي ان لهر سموري ڌُوڙ ۽ گيس ٻهاري ڇڏي. جڏهن ته ڪهڪشان جو مرڪزي حصو جيئن جو تيئن رهيو، جنهن سبب اهو نسبتاً چمڪيلو نظر اچي ٿو ۽ سندس چوگرد هڪ نيرو ڇلو به ڏسجي ٿو.

ناسا جي هبل ڏورويک مان نڪتل ڦِيٿَ ڪهڪشان جي هن اصلي رنگ عڪس ۾ ٻن ڪهڪشائن جو حيرت انگيز منهن ڀر ٽڪر نظر اچي رهيو آهي.


[سنواريو] خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو] حوالا

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 NASA/IPAC Extragalactic Database. نتيجا براءِ ڦِيٿَ ڪهڪشان. Retrieved on 2006-11-25.
  2. ناسا