ڦودنو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڦودني جا گل
ڦودني جو ٻوٽو

ڦودنو(انگريزي: Mint)، هن کي هندستانيءَ ۾ پودينا ۽ انگريزيءَ ۾ مِنٽ ۽ پيپرمنٽ،[1][2][3] فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ نَعناع سڏيندا آهن. هي هتي باغن ۾ ڀاڄين سان گڏ گهڻو پوکبو آهي. سندس پنن ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري آلا توڙي سڪا پن چٽڻيءَ ۾ ۽ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ گهڻو وجهندا آهن. هن جو عرق به ڪڍندا آهن، جو پيٽ جي سور لاءِ يا ٻين دوائن ۾ گهڻو ڪم ايندو آهي. هي ول وانگي پکڙندو آهي، پر گهڻو نه. هن جو ڏيهي قسم به آهي ۽ ولايتي به. ڏيهي قسم جا پن البت گول ٿيندا آهن ۽ ولايتي قسم جا ڊگها. هي اوڀڙ پاڙن ڪڍي هڻڻ سان ٿيندو آهي. گهميل زمين ۾ ۽ ڇانوري ۾ چڱو ٿيندو آهي. سرد موسم ۾ پوکبو آهي.[4]

طب[سنواريو]

ڦودني کي عربي ۾ حبق، فارسي ۾ فودنج ھندي ۽ اردو ۾ پودينه، پودتڪ ۽ قونياسا پڻ چوندا آهن. ان جو طبي اثر گرم ۽ خشڪ ھوندو آھي.گھڻي استعمال سان آنڊن کي نقصان ڏيندو آهي. اھو سڪل سائي رنگ جي پنن وارو ٻن ٽن قسمن جو ٿيندو آهي. هڪڙو جبل جو، ٻيو ميداني ۽ ٽيون جيڪو عام طرح پوکبو آهي. ميداني ڦودنو سٺو هوندو آهي. اھو معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، طعام کي هضم ڪري ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. حيض، پيشاب ۽ پگهر جاري ڪري ٿو. جلندر، يرقان، هڏڪي، سيني ۽ معدي جي رطوبت جي نيڪال لاءِ فائديمند آهي. وڇونءَ جي زهر لاءِ ترياق آهي. حمل کي ڪيرائي ٿو.[5].

شين ۾ استعمال[سنواريو]

ڦودنو جو هِڪُ قِسم آهي، جنهن جي پَن ۾ سُڳنڌ هوندي آهي. ڦودنو آئس ڪريم، ڪينڊي، ميون کي بچاءُ، شراب جي شربت، چيگنگم، ڏندن جي پيسٽ، ۽ ڪجهه شيمپو، صابڻ ۽ کَلَ يا چمڙي جي سارَسَنڀال جي شين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي..[6][7]

حوالا[سنواريو]

  1. "Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-02-29. 
  2. "Peppermint word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2020-02-29. 
  3. "Peppermint in English - Sindhi-English Dictionary". Glosbe. حاصل ڪيل 2020-02-29. 
  4. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  6. Pihl, Kristi (24 September 2012). "Washington is No. 1 mint oil producer in U.S.". Tri-City Herald. http://www.tri-cityherald.com/news/local/article32084385.html. Retrieved 26 September 2017. 
  7. "Peppermint". Oregon State University, Corvallis; Extension Service. حاصل ڪيل 26 September 2017.