ڏوئيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏوئيري جيو تعارف[سنواريو]

ڏوئيرو
ڏوئيرو
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Animalia
تقسم: Chordata
درجو: Aves
ترتيب: Pelecaniformes
خاندان: Threskiornithidae
نسل: Platalea
جنس: P. leucorodia
حياتياتي نالو
Platalea leucorodia
Linnaeus, 1758

اسان جي سامونڊي پٽيءَ وارين ڍنڍن ۾ چوڳو ڪندڙ ڏوئيرو نالي پکيءَ جي چهنب ڏوئي يا چمٽي جهڙي ٿئي ٿي، جيڪا مڇي پڪڙي کيس ڳهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڀالي جهڙي چهنب وارو ٻگهه جهڙو پکي ڪَڪَي اڪثر تلائن يا واٽرن جي ماڊولن تي ويهي انتظار ڪري، مڇيءَ کي ڀالي جيئن چهنب هڻي پڪڙي کائي ٿو. پيڻ پکيءَ جي چهنب هيٺان چمڙي جي ڳوٿري ان ڪري آهي، جو اها کيس وڏي ۾ وڏي مڇيءَ کي ڳهڻ ۾ سندس مدد ڪري ٿي، جهرڪين ۽ ٻين ان کائيندڙ پکين جي چهنب سخت ۽ نوڪدار ان ڪري آهي، جو اها کين زمين ۾ هڻڻي پوي ٿي.

سنڌ ۾ ملندڙ ڏوئيرو
نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 ڏوئيرو Eurasian Spoonbill Or Common Spoonbill Platalea leucorodia

ڏوئيري جي جسامت[سنواريو]

90 سينٽي ميٽر جسامت جي هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا ۽ بنيادي طرح هي لاڏائو پکي آهي. يعني هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي سفر ڪندڙ آهي. ٻگهه جهڙي بيهڪ اٿس. سڄو جسم اڇو، چهنب ۽ ٽنگون ڊگهيون ۽ ڪاريون ٿينديون اٿس. چپتري ۽ ڊگهي چهنب جي نوڪ چمچي جهڙي هئڻ ڪري اهو نالو مليو اٿس. ڳچيءَ وٽ اگهاڙي کل ۽ ڪنڌ کان کنڀن جي لڙڪيل چوٽي ٿئيس ٿي.

ڏوئيري جي شڪار جو طريقو[سنواريو]

تانگهو پاڻي ۾ هوريان هوريان جهاڳيندو آهي. اڪثر ساحلي ڪنڌين، ڍنڍن، ڌٻڻين ۽ سيلابي پاڻيءَ تي ننڍين ٽولين سان ڏسبو آهي. ڏوئيرو پنهنجي چهنب ٿوري کليل رکندو آهي ۽ شڪار کي ان ۾ پڪڙي وٺندو آهي. سندس شڪار ۾ مڇيون، ننڍڙا آبي جانور ۽ جيت شامل آهن.

اڏامڻ جو طريقو[سنواريو]

هوريان اڏامندو آهي. اڏامڻ مھل ڳچي ۽ پير اڳتي ۽ پوئتي پکڙيل هوندا اٿس.

رهائش[سنواريو]

هن پکيءَ جو آکيرو ڪنهن وڻ تي تيلن، ڪاٺڙين ۽ گاهه جي وڏي ڍڳ تي مشتمل هوندو آهي. هي پکي ذري گهٽ سڄي يورپ ۽ ايشيا ۾ ملي ٿو.

ڏوئيرو جي ويڊيو

گيلري[سنواريو]

  1. بقرة