ڄام مبارڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام مبارڪ
سنڌ جو سلطان
صرف ٽي ڏينهن سال 1442 ۾[1](زياده مناسب لڳندڙ)
پيشرو ڄام جوڻو ٻيون
جانشين ڄام سڪندرشاھ ٻيون
پورو نالو
ڄام مبارڪ سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاھي
مذھب اسلام

ڄام مبارڪ انگريزي (Jam Mubarak) سنڌ ۾ سمن جو راڄ ۾ اول هي ڄام جوڻي جو وزير هو. ڪجهه مؤرخن کيس غاصب سڏيو آهي. هن کي اقتدار جي مسند ماڻڻ جو صرف ٽي ڏينهن موقعو مليو. ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس تخت ۽ تاج کان الڳ ڪيو ويو. شاهي خاندان سان سندس تعلق چٽو ڪونهي. تاهم خاطري آهي ته هو حڪمران گهراڻي جو هڪ فرد هو. تاريخ معصوم کيس دربان سڏيو آهي. هن جو نالو مبارڪ خان هو. اقتدار تي ويهڻ شرط پاڻ کي ڄام مبارڪ سڏائڻ لڳو. مبارڪ خان ٽن ڏينهن بعد معزول ڪيو ويو.[2]

سنڌ جا ڄام
سما راڄ
"سلطنت دهلي جي تاريخ" ليکڪ ايم. ايڇ. سيد
  1. ڄام انڙ (1336-1339)
  2. ڄام جوڻو (1339-1352)
  3. ڄام بابينو (1352-1367)
  4. ڄام تماچي (1367-1379)
  5. ڄام صلاح الدين (1379-1389)
  6. ڄام نظام الدين پھريون (1389-1391)
  7. ڄام علي شير (1391-1398)
  8. ڄام ڪرن (1398)
  9. ڄام فتح خان (1398-1414)
  10. ڄام جوڻو ٻيون (1414-1442)
  11. ڄام مبارڪ (1442)
  12. ڄام سڪندرشاھ ٻيو (1442-1444)
  13. ڄام راءَ ڏنو (1444-1453)
  14. ڄام سنجر (1453-1461)
  15. ڄام نظام الدين سمو (1461-1508)
  16. ڄام فيروز (1508-1527)

حوالا[سنواريو]

  1. {جي. ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا ڄام، سما راڄ، سلطنت دھليءَ جي تاريخ جي مطابق}
  2. {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }