ٿائيلينڊ جو قومي نشان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٿائيلينڊ جو قومي نشان
Emblem of Thailand
Versions

ٿائيلينڊ ۾ مقرري جو شاھي وارنٽ
نشان جو حقدار مھا وجيرا لونگڪورن (راما X)
اختيار ڪيو ويو سرڪاري طور تي 1911 ۾ 1878 واري سيام واري نشان جي جاء تي مختص ٿيو
چٽسالي ھٿيار ٻڌ ۽ ھندو ڏند ڪٿا جو گرود پکي.
استعمال ٿائيلينڊ جي شاھي سربراھ ۽ ٿائيلينڊ جي سرڪاري ڪاغذن ۾ استعمال ٿيندو آهي


ٿائيلينڊ جو قومي نشان(انگريزي: emblem of Thailand ) جنھن ۾ گرودپکي ڏيکاريل آهي. ھندو ڏند ڪٿا مطابق گرود پکي وشنو جي سواري ھيو. وشنو کي ٿائيلينڊ ۾ نارائن چوندا آھن. اھو نشان سرڪاري طور تي بادشاھ وجيرا ووڌ (راما ڇھون) 1911 ۾ شروع ڪيو. ان کان اڳ بہ جي پکي بادشاھي نشان طور صدين کان استعمال ٿيندو رهيو. گرود مھرن ۾ بہ ڏيکاريل آهي. ھي پکي ھندو ۽ ٻڌ روايتن ۾ ملي ٿو. ٿائيلينڊ جا قديم بادشاھ روحاني بادشاھت ۾ يقين رکندڙ ھيا ۽ پاڻ کي نارائن جو مظھر سمجھندا ھيا تنھنڪري گرود کي اھي ديوتا جي طاقت يا بادشاھ جي اختياري سان تعبير ڪندا ھيا. انڊونيشيا جي قومي نشان ۾ پڻ گرود ڏيکاريل آهي ۽ ساڳيو پکي منگوليا جي گادي جي هنڌ الانباتور جي قومي نشان ۾ بہ ڏيکاريل آھن.


حوالا[سنواريو]