پنهور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پنهوارن جي پريت

تعارف[سنواريو]

پنهور سنڌي ڄاموٽ مسلمان آهن، جيڪي سنڌ، ۽ پوري بلوچستان ۾ آهن. ۽ هاڻ اهي پاڪستان ۾ رهن پيا.

پنھوار[سنواريو]

راجپوت نه پر سنڌي نسل قريشي آهن ءِ پنهوارن جو تعلق عربن جي مشهور قبيلي بنو هاشم سان آهي. پنهوار لفظ پنهو±وار مان اخذ ٿيل آهي جنهن جي معني آهي ننڍا ننڍا جانور پالڻ وارا (ٻڪرار). سنڌ جا عام ماڻهو قريشي عربن جي ذات پات جي صحيح ڄاڻ نه هجڻ ڪري قريشن کي انهن جي پيشي جي لحاظ سان سڏيندا هئا.

پنهوارن جا ضلع شڪارپور ، ڪنڌڪوٽ، اروڙ،گهوٽڪي ۽ خيرپور ۾ ڪيترائي ڳوٺ آهن.

پنهورن جي تاريخ[سنواريو]

پنهوارن جى تاريخ[سنواريو]

سن 1050 ۾ جڏهن سنڌ جو گادي هنڌ

عمرڪوٽ هيو۔ تڏهن پنهورن جي طاقت تاريخ ۾ ظاهر ٿئي.ھتي پنهور برادري جي اڪثريت مسلمان آهن.راجستان انڊيا ۾ پنهور رهن ٿا. پنهور سنڌ، پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ ٻين علائقن ۾ موجود آهن.

وراست[سنواريو]

پنهور گهڻا پنجاب، بلوچستان ڪشمير ۽ سنڌ ۾ آهن. تقريباً 40 سيڪڙو پنهور ضلعي دادو، ڄامشوري سنڌ ۾ آهن. پنهور سنڌ جي تقريباً شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جيئن زراعت، فوج، بحري فوج، انجينئر، ڊاڪٽر، ڪاروبار، پروفيسر ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ پڻ ڪم ڪري رهيا آهن. پنهور هڪ مشھور قبيلو آهي جيڪو پوري سنڌ ۾ آهي. ڪافي پنهور ضلعي دادو ۽ ڄامشورو، تعلقو سيوڻ شريف (جيڪو مشهور شهري آهي) ۾ آهن. ڪافي پاڪستاني ماڻهو پنهورن کي پنهور پير به علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڪري چوندا آھن۔

سنڌ ۾[سنواريو]

ڪيترائي پنهور ميرپورخاص، شادي پلي، کاهي، پراڻي ميرپور، کمڀري، سانگهڙ، پٿورو، ڪپرو، حيدرآباد، ڪراچي، سيوڻ، عمر ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ رهن ٿا. ميرپورخاص ۽ ٻين وڏن شهرن جا پنهور پڙهيل لکيل آهن. انهن مان ڪجهه مشهور ڄاڻو شخصيتون به آهن جيئن صلاح الدين پنهور (جسٽس هائيڪورٽ سنڌ)، ڊاڪٽر يوسف پنهور،ڊاڪٽر غلام محمد پنهور، ڊاڪٽر عبدالوحيد پنهور، سعيد احمد پنهور (دبئي) انجينيئر محمد يونس پنهور، اقبال احمد پنهور (جنرل سيڪريٽري گسٽا سنڌ) مينيجر عبدالحميد پنهور، مير منظور پنهور، انور پنهور، انجينئر نواز پنهور (جيڪو هن وقت ڪينيڊا ۾ رهي پيو) الاهي بخش پنهور ۽ ٻيا به شامل آهن. ڪافي نوجوان ۽ ٽيلينٽيڊ پنهور به آهن جيئن پروفيسر فياض پنهور، قربان علي پنهور، محمد عارف پنهور، ڪامريٽ محمد حيات پنهور (جانورن جو ڊاڪٽر)، ڪمال پنهور، جمال پنهور (ٽورسٽ)، يارمحمد پنهور امير بخش پنهور حضور بخش پنهور (سينيئر سافٽويئر انجينيئر ۽ فائونڊر PHPGang.com) ۽ ٻيا نوجوان فرد جيڪي سٺي ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.

آزاد ڪشمير ۾[سنواريو]

آزاد ڪشمير ۾ پنهور ضلعي ميرپور ۽ پابي جبل جيڪا ضلعي جهلم جي چيڙي (باڊر)۾ رهن ٿا. ان کان علاوه بنگيل، نارما، سهلان ۽ باگيل ۾ پڻ آهن.

پنجاب ۾[سنواريو]

پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهور آباد آهن. اڪثر پنهور بهاولپور، ملتان، ڊيره غازي خان، رحيم يارخان ۾ رهن ٿا. 

مذهب[سنواريو]

تمام پنهور مسلمان آهن.

پاڪستان ۾ پنهورن جي اڪثريت سني مسلمانن جي آهي.

راجستان انڊيا ۾ پنوارن جي اڪثريت سنڌو ڌرم آهي. انڊيا جي شهر گرداس پور (پنجاب) ۾ 1947 کان اڳ پنوار مسلمان هيا پوءِ اهي قادياني ٿئي ويا.

مشهور شخصيتون[سنواريو]

1. محمد حسين پنهور (ذراعت جو ماهر) 2. سني حسين پنهور (سنڌ ڪاونسل جو ميمبر پي پي پي) 3. سردار منظور پنهور ( صوبائي منسٽر سنڌ صوبو) 4. شميم آرا پنهور (سنڌ اسيمبلي جي ميمبر) 5. حاجي ڪامل پنهور 6. حاجي محمد حسن پنهور (ميرپورخاص جي پنهور جو باني) 7. ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور (او جي ڊي سي ڊاڪٽر) 8. ڊاڪٽر نسرالله پنهور 9. استاد رسول بخش پنهور (ريٽائر استاد) 10۔مولوي حافظ محمد پنهور حارثي سابق ڊپٽي لائبريرين يونيورسٽي آف سنڌ

حوالو[سنواريو]

1. وڪيپيڊيا جي انگلش سيڪشن.


لکندڙ: ايم۔ايڇ پنهور