پالڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Spinach
Spinach in flower
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Spinacia
جنس: Template:Taxonomy/Spinacia{. oleracea
حياتياتي نالو
Spinacia oleracea
L.
پالڪ

پالڪ (Spinach) (سائنسي نالو: Spinacia oleracea) هڪ کاڌو ويندڙ گلن وارو ٻوٽو آهي۔ هيءَ هڪ قسم جي سبزي يا ترڪاري آهي، جيڪا سرديءَ جي مند ۾ ٿيندي آهي، پالڪ ۾ وٽامن اي، بي، سي، نمڪيات، لوهه ۽ ڪئلشيم گهڻي انداز ۾ موجود آهي. پالڪ جي ڪِن قسمن جو اصل وطن عربستان چيو وڃي ٿو.

پالڪ کي انگريزيءَ ۾ اسپناج ۽ فارسيءَ ۾ اسپناج يا اسفناج چوندا آهن. هن جا ٻه قسم آهن. هڪڙيءَ جو ٻج چهنبيارو ۽ پن ٽڪنڊا ٿيندا آهن ۽ ٻئيءَ جو ٻج لسو ۽ پن گول ٿيندا آهن. هيءَ مشهور سائي ڀاڄي آهي. هن جا پن ساڳ وانگي ٻوڙ ۾ ڪم ايندا آهن. هيءَ آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني ۾ پوکڻ گهرجي. ڇَٽ به ڪندا آهن ۽ چرين ۾ به پوکيندا آهن. جي چريون ڪجن ته وچ ۾ هڪ فوٽ جي وڇوٽي رکجين ۽ چئن چئن انچن تي چونگي يا ٻج جو داڻو هڻجي. پالڪ چانوري ۾ چڱي ٿيندي آهي، زمين ڀلي گهرجي ۽ پاڻي مُئو. ڪچيءَ ۾ هن کي اڪثر جهرڪيون نقصان رسائينديون آهن، تنهنڪري ڄاري وجهي ڇڏجيس. هن جو انگريزي ٻج به ايندو آهي، جنهن جي لاءِ ته ايتري سنڀال گهرجي نه ته ڏيهي ٻج ته پڙن ۾ عام پوکبو آهي.[1]

تاريخ[سنواريو]

روايت آهي ته جڏهن عربن اسپين فتح ڪيو ته پالڪ ان ملڪ ۾ پهچي وئي ۽ پوءِ ٻين ملڪن ۾ پکڙي. پالڪ جا ٻه قسم مشهور آهن. هڪڙي ولائتي پالڪ، جنهن جا پن وڏا گول ۽ ڳاڙهسري رنگ جا ٿين ٿا. پالڪ جو هيءُ قسم سڄو سال پوکجي ٿو ۽ پيداوار گهڻي ڏيندو آهي. پالڪ جو ٻيو قسم سنڌي يا ڪلڇڻ پالڪ آهي، جيڪا فقط سياري جي موسم ۾ ٿيندي آهي. هن قسم جي پالڪ جا پن ننڍا چهچ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. ديسي پالڪ فقط ربيع جي موسم ۾ پوکي ويندي آهي. سنڌ ۾ پالڪ سادي به رڌبي آهي ته بِهن، پٽاٽن ۽ گوشت سان گڏ به رڌبي آهي. سيئل مڇيءَ ۾ به پالڪ وجهبي آهي.

طب ۾[سنواريو]

طبي لحاظ کان هيءَ جلد هضم ٿيندڙ ۽ تاثر ۾ ٿڌي آهي. گرم ۽ خشڪ طبيعت وارن لاءِ وڏي فائديمند آهي. تجربن کان پوءِ معلوم ٿيو آهي ته پالڪ ۾ فولاد ۽ ڪئلشيم جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سان جسم جا هڏا مضبوط ٿين ٿا. پالڪ رت وڌائڻ لاءِ بهترين غذا آهي.[2]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011