پالماخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پالماخ

پالماخ جو نشان
سرگرم 1941–1948
ملڪ  مينڊيٽري فلسطين (مئي 14، 1948ع کان اڳ)
 اسرائيل (مئي 14، 1948ع کان پوءِ)
نوعيت حملو ڪندڙ فورس
حصو ھگانا
مخصوص چوڻي "سان ھر حڪم مڃڻ لاءِ تيار آھيون"
"לפקודה תמיד אנחנו"
ڪمانڊر
مشھور ڪمانڊر اسحاق سادھ,
يگال ايلن, اسحاق ربن، موشي داين
پالماخ جون عورتون 1942 ۾ ائن گيدي لڳ
Beit Keshet, First Palmach outpost, 1944

پالماخ(انگريزي: Palmach) عبراني اڪرونم طور ان کي پلوگاٽ مھاتز (انگريزي: Plugot Maḥatz) يعني ڌڪ ھڻندڙ ويڙھاڪ(انگريزي: "strike forces") چوندا ھئا. اھا ھگانا جي ھڪ چونڏيل ويڙھاڪن جي فورس(انگريزي: Elite Force) ۽ مينڊيٽري برطانوي فلسطين جي علائقن ۾ فلسطيني يھودين جي خفيہ فوجي تنظيم ھئي. ھگانا جي مرڪزي ڪمان ان جو بنياد 15 مئي 1941 ۾ رکيو ۽ يتزھاڪ سادھ کي ان جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو ..[1]. شروع ۾ ھن گروپ ۾ ھڪ سؤ ميمبر ھيا ۽ ھن گروپ برطانوي فوج سان تعاون ڪندي لبنان ۽ شام ۾ فرانس جي مدد ۾ ڪم ڪيو. انھن کي برطانيا جي فوج کان تربيت پڻ ملي ۽ انھن بغير معاوضي جي ڪم پئي ڪيو رڳو انھن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مالي مدد ٿيندي ھئي. 1942 م ال الامين جنگ ۾ اتحادي فوجن جي سوڀ کان پوءِ برطانيا ھن فوجي تنظيم کي جڏهن ختم ڪري ڇڏيو تہ پوءِ ان خفيہ ڪم شروع ڪيو. فلسطيني گھرو ويڙھ جي شروعات ۾ ان جي 2000 ميمبر ويڙھاڪ مرد ۽ عورتن کي ٽن برگيڊن ۾ ورھايو ويو. اسرائيلي فوج جي قيام بعد انھن ٽنھي برگيڊن کي ختم ڪيو ويو. [2] پلماخ جا ميمبر اسرائيلي فوج ۽ حڪومت م وڏن عھدن تي فائز رھيا .

حوالا[سنواريو]

  1. Yigal Allon, Shield of David, ISBN 978-0-297-00133-1, 1970. p. 117
  2. Peri, Yoman (1983). Between battles and ballots – Israeli military in politics. CUP. ISBN 0-521-24414-5.