پئلئينٽولاجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
A paleontologist at work at John Day Fossil Beds National Monument


پئلئينٽولاجي. --( Palaeontology) :

سائنس جي ھيء شاخ تاريخ کان آڳاٽي دؤر جي جنسن جي باري ۾ علم بابت آهي، جيڪي گھڻو ڪري نابود ٿي چڪيون ھجن. ان علم جو مدار فاسل جي بائيلاجيڪل، ڪيميڪل ۽ فزيڪل ٽيڪنڪ جي استعمال سان ھٿ ڪيل ڄاڻ جي تجزيي تي آھي.[1]ھيء سائنس ارڙھين صديء ۾ جارجيس ڪوو وائر جي ڪمپريٽو اناٽامي يا تقابلي ايناٽامي ۾ ڪيل خدمتن جي نتيجي ۾ قائم ٿي، ۽ اوڻويھين صديءَ ۾ تيزيءَ سان فروغ ۾ آئي. انگريزيءَ جو ھي لفظ پيليئنٽالاجي اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جي ٽن لفظن مان نڪتل آهي؛ پيلائس (palaios) جنھن جي معني آهي پراڻو يا قديم؛ آنٽس (ontos) جي معني آهي وجود يا مخلوق؛ ۽ لاگس (logos) جي معني آهي ڳالھ، خيال يا مطالعو.[2]

The preparation of the fossilised bones of Europasaurus holgeri
Analyses using engineering techniques show that Tyrannosaurus had a devastating bite, but raise doubts about how fast it could move.

حوالا[سنواريو]