ٽيڪنالاجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ويھين صديءَ جي وچ عھد ۾ انسان علم ڪاريگري طرزيات تي ان قدر مھارت حاصل ڪري ڇڏي جو ڌرتيءَ جي سطح کان آزاد ٿي ڪري فضا ۾ وڃي پھتو آھي.

ٽيڪنالاجي یا طرزیات (انگريزي ٻولي: Technology) علم فن، علم ھنر، علم ڪاريگري؛ سائنس ۽ نظرين جو اڀياس يا مطالعو جنھن وسيلي اھا ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي آھي تہ شيون ڪيئن ٿيون ڪم ڪن ۽ ان ڄاڻ وسيلي فني يا ھنري شيون ٺاھڻ. علم ۽ معلومات جي فني ۽ عملي استعمال کي طرزیات چيو ويندو آهي ۽ هن شعبي علم جي دائري ڪار ۾ آهي تمام آلات (اوزار) پڻ اچي وڃن ٿا ۽ اهي تمام دستورالعمل يا طريقيڪار پڻ جيڪي علمي معلومات جي عملي استعمال بابت هوندا آهن. طرزيات، علم ڪاريگري يا ٽيڪنالاجي جي اصطلاح عام طور تي طرازن (techniques) جي هڪ مجموعي جي لاءِ استعمال ٿيندا آهن (مثال جي طور تي (space technology))، ۽ ڪڏھن ڪڏھن انکي (engineering) جي طراز يا ٽيڪنيڪ استعمال ڪندي بڻائي ويندڙ ڪنھن شيءِ (پيداوار يا پروڊڪٽ) جي لاءِ بہ استعمال ڪيو ويندو آهي جيئن تہ ڪا ٽيڪنيڪي ڪاروباري ادارو پنھنجي بڻايل پيداوار کي هڪ ٽيڪنالاجي چئي سگهي، مثلاً Hitachi technology ۽ ABI technology وغيرہ

نالي جو سبب[سنواريو]

  • انگريزيءَ ۾ ٽيڪنالاجي جو لفظ بنيادي طور تي ٻن يوناني لفظن جو مرڪب آهي
  • اردوءَ ۾ طرزیات جو لفظ بنيادي طور تي ٻن لفظن جو مرڪب آهي
    • طرز = اسلوب، وضع، انداز، طريقو، فن، ٽيڪنيڪ
    • یات = مطالعو، علم، لاجي
هڪ شڪل طرزیات (ٽيڪنالاجي)؛ هي آبي اختراع هڪ مسلم سائنسدان نالي الرزاز الجزاري اُن زماني ۾ ايجاد ڪئي هئي جڏھن اڄ جي ترقي پذير ئي نہ پسماندہ مسلم قوم، سائنس ۽ طريقت جي عروج تي هئي ۽ نون اختراعات ۽ تخليقات ۾ مصروف هئي.

بيان[سنواريو]

علم ڪاريگري طرزيات هڪ تمام وسيع اصطلاح آهي ۽ نوع انسان جو ان سان تعلق وڏي وقت کان جاري آهي جڏھن کان هِن انسان قدرتي اسباب ۽ وسيلن کي سادن اوزارن ۾ بدلڻ سکيو. تاريخ جي دور کان اڳ حضرت انسان جو باھ لڳائڻ جي طريقي جو دريافت ڪرڻ ۽ ڪنھن وزني شيءِ جي هيٺان ڪا گول شيءِ رکي اُن کي ڌِڪڻ (جنھن سان ڦيٿي جي ايجاد ٿي) سڀ ڪجهہ علم ڪاريگريءَ جي ئي شروعاتي شڪل آهي. ۽ موجودہ دور ۾ اچو تہ گهڻيون ئي اهڙيون ايجادو ۽ طراز آهن جن هن دنيا کي هڪ نئي شڪل ۾ ڍالي ڇڏيو آهي، انهن ۾ www ۽ انجي بنياد يعني ڪمپيوٽر (computer) وغيرہ اھم آهي هڪ ٻيو پاسو اهو آهي تہ تمام تر علم ڪاريگري طرزيات انساني ڀلائي جي طرف ئي رخ ناهي ڪيو بلڪه ڪثير تعداد ۾ اهڙيون طرزيات پڻ تخليق ڪيون ويون آهن ۽ ڪيون پيون وڃن جيڪي انسانيت ئي کي مٽائي ڇڏڻ جي ڀرپيو صلاحيت سان مالامال آهن ۽ انھن جي چند مثالن ۾ ايٽم بم اور نيوٽران بم جھڙا ھٿيار شامل آھن.