ٽيڪسانامي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حياتيدائروورهاستبڻياددرجوترتيبخانداننسلجنس
طبقاتي نظام حياتياتي درجابندي جا اٺ وڏا ٽئڪسانامي وارا درجاسانچو:بائيولاجيڪل جنسوار ورڇ\مرڪزي وچ وارا ننڍا درجا ناھن ڏيکاريل

ٽيڪسانامي: Taxonomy ھڪ سائنس جو نالو آهي جيڪا جاندارن جي درجابندي جي لاءِ ٺھيل قانونن جي باري ۾ علم حياتيات جي ھڪ شاخ آھي جنھن ۾ جاندارن جي بناوٽ ۾ موجود گڏيل ۽ اختلافي خاصيحتن تي بحث ڪيو وڃي ٿو. ھن علم وسيلي جاندارن جي وضاحت، سڃاڻپ، درجہ بندي ۽ انھن جي نالن رکڻ جي مدد ملي ٿي. حياتياتي ماهرن جانورن جي لکن ۾ قسمن کي مختلف گروھن ۾ ورھائي ڇڏيو آهي جيئن انھن جي مطالعي ۾ آساني ٿئي. مخصوص قسم جي خاصيتن وارن جاندارن کي ننڍن گروھن ۾ تشڪيل ڏنو ويو آهي ۽ انھن جي گڏيل خاصيتن جي بنياد تي وڏا گروھ يعني ڪنگڊمز ٺاھيون ويون آهن. ٻہ گروھي ۽ ان کان پوءِ پنج گروھي درجابندي نظام شروع ڪرايا ويا جنھن سان سڀني جاندارن جي باري ۾ مطالعي کي آسان بڻايو ويو. انھن گروھن جا نالا ترتيبوار ھن طرح آھن: ڊومين ; ڪنگڊم، فائلم ، ڪلاس، آرڊر ، فيملي ۽ جينس ۽ جنس . حياتياتي درجابندي ڪرڻ جو بنيادي ايڪو اسپيشيز يا جنس آهي. جنس اھڙن جاندارن جو گروھ آھي جنھن جون طبعي خاصيتون ھڪجھڙيون ٿين ٿيون. ويجھڙائيءَ جي ملندڙ جلندڙ اسپيشيز کي گڏائي جنرا genera چئبو آهي. جنرا کي گڏائي فيمليز، وري فيمليز کي گڏائي آرڊرس، وري آرڊرس کي گڏائي ڪلاسز ۽ ڪلاسز کي گڏائي فائلا phylla يا بڻ بڻياد ۾ رکيو ويندو آهي.اھڙي طرح فائلا يا بڻ بڻياد کي گڏائي ڪنگڊمز ۾ رکيو ويندو آهي.

اهڙي سائنسي ڄاڻ يا مشاهدو جنهن جو واسطو جاندارن جي درجي بندي سان هجي ته ان کي جنس بندي يا ٽئڪسانامي (Taxonomy) چئبو آهي (ٽئڪساس - ترتيب ، نامس - قانون )۔ تنهن ڪري ٽئڪسانامي جو واسطو جاندارن جي قانوني ترتيب يا درجي بندي سان هوندو آهي ۔ وصف (Definition ) هي حياتيات جي اهڙي شاخ آهي جنهن جو واسطو جاندارن جي بناوتن هڪجهڙائي ۽ فرق جي تشريح سڃاڻپ درجي بندي ۽ نالي ڏيڻ سان آهي

.